”جيڪڏهن شرط رڳو استعيفيٰ آهي ته پوءِ ڳالهين جو ڪهڙو فائدو؟“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان حڪومتي ڳالهين واري ٽيم سان ملاقات ۾ چيو آهي ته آئون ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪڏهن شرط رڳو استعيفيٰ جي آهي ته پوءِ ڳالهين جو ڪهڙو فائدو؟

بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ جي سربراهي ۾ حڪومتي ڳالهين واري ٽيم ۽ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي وزير اعظم عمران خان سان ملاقات ڪئي ۽ مخالف ڌر سان ٿيل ڳالهين کان آگاهه ڪيو.

ملاقات ۾ موجود ذريعن ٻڌايو ته وزير اعظم عمران خان چيو ته هن کليل دل سان احتجاج ۽ مارچ جي اجازت ڏني پر جيڪڏهن شرط رڳو استعيفيٰ  جي آهي ته ڳالهين جو ڪهڙو فائدو.

ذريعن موجب وزير اعظم چيو ته معاملي کي سياسي طور تي حل ڪرڻ چاهيون ٿا جڏهن ته گڏوگڏ ئي هن 2018ع جي عام چونڊن دوران مبينا ڌانڌلي جي جاچ جي لاءِ به تيار ٿيڻ جو اظهار ڪيو.

خيال رهي ته جمعيت علماءِ اسلام (ف) طرفان اسلام آباد ۾ آزادي مارچ جاري آهي جيڪو هڪ ڌرڻي جي صورت اختيار ڪيو ويو آهي ڇو ته 8 ڏينهن کان شرڪت ڪندڙ اُتي موجود آهن ۽ اڳتي لاءِ ڪيترائي ڏينهن اُتي موجود رهندو ان بابت اڃان ڪو به علم ناهي.

8 ڏينهن کان جاري ان آزادي مارچ ۾ هن وقت تائين  ڪو به اهڙو اطلاع سامهون ناهي آيو ته مارچ جي شرڪت ڪندڙن ڪنهن شئي کي نقصان رسايو .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.