نواز شريف جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ بابت گهرو وزارت جو بيان جاري

 

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ (اي سي ايل) مان خارج ڪرڻ جي لاءِ گهرو وزارت کي درخواست ڏئي ڇڏي.

گهرو وزارت طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته گهرو وزارت کي ميان شهباز شريف طرفان ميان نواز شريف جي نالي طبي ۽ ملڪ کان ٻاهر علاج جي بنياد تي اي سي ايل مان نالو خارج ڪرڻ لاءِ باقاعده درخواست ڏئي ڇڏي آهي.

بيان موجب گهرو وزارت معاملو قومي احتساب بيورو (نيب) ڏانهن موڪلي ڇڏيو آهي.

هي به پڙهي سگهو ٿا:نواز شريف سروسز اسپتال کان جاتي امرا منتقل

گهرو وزارت جو چوڻ آهي ته شريف ميڊيڪل سٽي لاهور مان مليل ميان نواز شريف جي صحت بابت رپورٽڻ کي مشوري ۽ جائزي لاءِ اسٽيڊنگ ميڊيڪل بورڊ ڏانهن موڪلي ڇڏيو آهي.

شهباز شريف جي درخواست جي حوالي سان وڌيڪ چيو ويو آهي ته گهرو وزارت شهباز شريف طرفان درخواست ۾ اختيار ڪيل موقف موجب معاملي جي حساسيت کي ڏسندي سموري ضروري بندوبست ڪيا ويا آهن.

گهرو وزارت پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته گهرو وزارت سمورين حقيقتن جي روشني ۾ اسٽيڪ هولڊرن سان ڳالهين کان پوءِ لاڳاپيل اختيارين کي تجويزون ڏيندي.

رپورٽ موجب پاڪستان مسلم ليگ نواز شريف جي پرڏيهه سفر بابت ڊاڪٽرن جي تجويزن سان پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.

هي به پڙهي سگهو ٿا:نواز شريف جون پرڏيهه مان ٽيسٽون ڪرائڻ جو فيصلو

شريف خاندان جي ذريعن جو چوڻ هو ته ڊاڪٽرن جي رپورٽن جي روشني ۾ حڪومت طرفان هڪ يا ٻه ڏينهن ۾ نواز شريف جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ مان خارج ڪرڻ جا امڪان آهن، جنهن کان پوءِ هو ملڪ کان ٻاهر وڃي سگهندو.

ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته جيڪڏهن نواز شريف جو نالو اي سي ايل مان خارج ڪيو ويو ته هو انهيءَ هفتي لنڊن جي لاءِ روانا ٿي سگهن ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.