نواز شريف علاج لاءِ ٻاهر وڃِي ۽ آئون نه وڃان اِهو ڏکيو آ…!

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز جو چوڻ آهي ته اِهو ڏاڍو ڏکيو آهي ته نواز شريف علاج جي لاءِ ٻاهر وڃي ۽ آئون هن سان گڏ نه وڃان.

مريم نواز چوڌري شگر ملز مني لانڊرنگ ڪيس ۾ احتساب عدالت ۾ پيش ٿي. مريم نواز عدالت ۾ بيان ڏنو ته ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته عدالت ۾ گهرايو وڃي ۽ آئون نه وڃان، اڄ به آئون پيءُ نواز شريف کي ڇڏي هتي آئي آهيان.

ن ليگ جي اڳواڻ ٻڌايو ته ميان صاحب جي طبيعت ڪافي ناساز آهي.

هي به پڙهي سگهو ٿا:مريم نواز کي رهائي ملي وئي

مريم نواز جي وڪيل امجد پرويز عدالت کان اپيل ڪئي ته ريفرنس داخل ٿيڻ تائين حاضري کان ڇوٽ ڏني وڃي ڇو ته قانون ۾ ان جي گنجائش موجود آهي.

عدالت جاچ آفيسر کان ريفرنس داخل ڪرڻ بابت پڇاڻو ڪيو ۽ مريم نواز جي وڪيل کي چيو ته توهان درخواست داخل ڪيو پوءِ ان تي فيصلو ٿيندو.

عدالت نواز شريف جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور ڪري ورتي جڏهن ته يوسف عباس جي جوڊيشل ريمانڊ ۾ 14 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي. ڪيس جي ٻڌڻي 22 نومبر تائين ملتوي ڪئي وئي.

مريم نواز:

نيب عدالت مان واپسي تي صحافي طرفان سوال ڪيو ويو ته ميان نواز شريف علاج جي لاءِ ڪڏهن پيو ٻاهر وڃي؟ جنهن تي مريم نواز جواب ڏنو ته ميان صاحب کي علاج جي لاءِ فوري طور ٻاهر وڃڻ گھرجي.

ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ مان نالو نڪرڻ بابت درخواست تي ن ليگ جي اڳواڻ چيو ته مون کي خبر ناهي، گهر وڃي ڏينديس، شهباز شريف ان معاملي کي ڏسي رهيو آهي.

مريم نواز وڌيڪ چيو ته آئون في الحال فوري سفر نٿي ڪري سگهان ڇو ته منهنجو پاسپورٽ عدالت وٽ آهي.

سندس چوڻ هو ته مون کي نواز شريف جي صحت بابت وڏي فڪر رهندي آهي، هن کي ملازمن ۽ نرسن جي رحم و ڪرم تي نٿي ڇڏي سگهان، 24 ڪلاڪ هن سان گڏ هوندي آهيان ۽ هن جا معاملا پاڻ ڏسي رهي آهيان.

هي به پڙهي سگهو ٿا:عورت هئڻ سبب مريم نواز کي ضمانت ملڻ گهرجي….!

هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ موجود هر ممڪن علاج ڪيو ويو پر ان جي باوجود بيماري جي سڃاڻپ نه پئي ٿي سگهي ۽ هن جا پليٽيليٽس وري 20 هزار تي پهچي ويا آهن.

مريم نواز چيو ته دنيا ۾ جتي به ممڪن ٿئي نواز شريف جي علاج لاءِ وڃڻ گهرجي، ڏاڍو ڏکيو آهي ته ميان صاحب علاج جي لاءِ ٻاهر وڃي ۽ آئون هن سان نه وڃان.

ڊيل بابت سوال تي ن ليگ جي نائب صدر چيو ته ڊيل واريون ڳالهيون ڪندڙن کي شرم اچڻ گهرجي، حڪومت طرفان بڻايل ميڊيڪل بورڊ  پاڻ چيو ته ميان صاحب کي علاج جي لاءِ ٻاهر وڃڻ جي ضرورت آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.