قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر خلاف تحريڪ عدم اعتماد جمع

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر پارٽين جي ميمبرن پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي خلاف تحريڪ عدم اعتماد جمع ڪرائي ڇڏي.

مسلم ليگ ن جي اڳواڻ مرتضيٰ جاويد عباسي ۽ محسن شاهنواز رانجها طرفان عدم اعتماد جو ٺهراءُ ۽ نوٽيس  قومي اسيمبلي جي سيڪريٽريٽ  ۾ جمع ڪرايو ويو.

ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي خلاف تحريڪ اعتماد جو نوٽيس آرٽيڪل 53 جي شق 7 جي پيرا  سي) جي تحت جمع ڪرايو ويو.

هي به پڙهي سگهو ٿا:سپريم ڪورٽ قاسم سوري کي بحال ڪري ڇڏيو….!

تحريڪ عدم اعتماد جي ان نوٽيس ۾ ڊپٽي اسپيڪر جي خلاف آئين ۽ قاعدن جي ڀڃڪڙي جا الزام هنيا ويا.

ان ٺهراءَ ۾ مختلف موقعي تي ڊپٽي اسپيڪر طرفان آئين ۽ قاعدن جي ڀڃڪرين جا حوالا ڏنا ويا آهن ۽ چيو ويو ته ڊپٽي اسپيڪر قاعدن  جي ڀڃڪڙي ڪئي، قاسم سوري اسيمبلي جي ميمبرن جو اعتماد وڃائي چڪو آهي.

تحريڪ عدم اعتماد جي نوٽيس جي 7 ڏينهن کان پوءِ ٺهراءَ کي ڪارروائي جي لاءِ قومي اسيمبلي جي ايجنڊا ۾ شامل ڪيو ويندو.

خيال رهي ته مسلم ليگ ن جي اڳواڻن موجب گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران حڪومت آرڊيننس جي منظوري ڪرائي، ان جي خلاف اِها تحريڪ عدم  اعتماد آندي وئي آهي.

هي به پڙهي سگهو ٿا:قاسم سوري قومي اسيمبلي جي رڪنيت تان ڊي نوٽيفائي

واضح رهي ته 7 نومبر تي ٿيل قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ حڪومت ريڪارڊ قانون سازي ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي هئي ۽ ننڍي ايوان ۾ مخالف ڌر جي سخت احتجاج جي باوجود 11 بل منظور ڪيا ويا هئا.

خيال رهي ته ان کان اڳ سينيٽ ۾ مخالف ڌر طرفان چيئرمين صادق سنجراڻي ۽ حڪومت طرفان ڊپٽي چيئرمين سينيٽ سليم مانڊوي والا جي خلاف تحريڪ عدم اعتماد آندي وئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.