خاڻوٺ: نينگري سان مبينا زيادتي، ڄامشوري جي چائلڊ پروٽيڪشن آفيسر نوٽيس ورتو

وامي آواز رپورٽ
خاڻوٺ: نينگري سان مبينا زيادتي، ڄامشوري جي چائلڊ پروٽيڪشن آفيسر نوٽيس ورتو
وامي آواز رپورٽ خاڻوٺ: نينگري سان مبينا زيادتي، ڄامشوري جي چائلڊ پروٽيڪشن آفيسر نوٽيس ورتو

 

خاڻوٺ ۾ نينگري سان مبينا ڏاڍائي واري خبر ميڊيا تي نشر ٿيڻ بعد ڄامشوري جي چائلڊ پروٽيڪشن آفيسر نوٽيس ورتو.

چائلڊ پروٽيڪشن آفيسر امير علي ڪولاچي ٿاڻي تي پهچي تفصيل معلوم ڪيا.

پوليس پاران ٻڌايو ويو ته واقعي ۾ ملوث ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

پوليس موجب ٽنهي جوابدارن جو رمانڊ اڄ پورو ٿيندو جنهن بعد کين عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

پروٽيڪشن آفيسر نينگري جي گهر پهچي وارثن سان به ملاقات ڪئي.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي امير علي ڪولاچي چيو ته ميڊيڪل رپورٽ ۾ نينگري سان ڏاڍائي ثابت ٿي آهي.

هن جو چوڻ هو ته ٽن جوابدارن پاران نينگري سان اجتماعي زيادتي ڪئي وئي.

سندس چوڻ هو ته نينگري جي وارثن کي انصاف فراهم ڪيو ويندو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.