سانگهڙ: مري برادري پاران نوجوان جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج

وامي آواز رپورٽ
سانگهڙ: مري برادري پاران نوجوان جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج
وامي آواز رپورٽ سانگهڙ: مري برادري پاران نوجوان جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج

 

سانگهڙ ۾ مري برادري پاران نوجوان جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

محمد صادق مري، محبوب مري، خير محمد مري، بنگل، نور محمد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته نوجوان زاهد مري جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪيو ويو.

هنن جو چوڻ هو ته ٽي ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس جوابدارن خلاف ڪارروائي ناهي ڪئي.

سندن چوڻ هو ته پوليس جوابدارن کان  ڳري رقم وٺي سندن خلاف ڪارروائي نه ڪري رهي آهي.

احتجاج ڪندڙن آءِ جي سنڌ ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته نوجوان جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.