ڌرڻي وارا ويٺا هجن پر ملڪ کي نقصان نه رسائن…!

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ جو چوڻ آهي ڌرڻي وارا ويٺا هجن پر ملڪ کي نقصان نه رسائن، آئون مخالف ڌر کي چوان ٿو ته مولانا کي اسيمبلي ۾ آڻين ۽ پوءِ جمهوريت جي ڳالهه ڪن.

اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ واپار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ ۽ سيڙپڪاري ۾ واڌ بابت قومي اسيمبلي جو اجلاس  شروع ٿيو ته بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ جي تقرير دوران مخالف ڌر طرفان هنگامو ڪيو ويو، جنهن تي اسپيڪر اجلاس ملتوي ڪرڻ کان خبردار ڪندو رهيو.

بعد ۾ اسپيڪر اسد قيصر مخالف ڌر اڳواڻ خواجا آصف ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اسيمبلي ميمبر مراد سعيد جي پنهنجي خيالن جي اظهار کان پوءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس سومر جي شام 4 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ چيو ته اسان مسئلي جو حل چاهيون ٿا، 40 سالن کان سياست ۾ آهيان سموريون حالتون ڏٺيون آهن.

هي به پڙهي سگهو ٿا:مطالبن تي قائم آهيون، عمران خان ۽ پرويز خٽڪ لهجو درست ڪن: رهبر ڪميٽي

هن چيو ته وزارت ڇڏي عمران خان جي پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي، جمهوريت جون سموريون رمزون ڄاڻان ٿو .

پرويز خٽڪ چيو ته وزير اعظم مون کي ڳالهين واري ڪميٽي جو سربراهه مقرر ڪيو ۽ مون اسيمبلي جي اسپيڪر کي حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي  جو ميمبر مقرر ڪيو.

بچاءَ واري وزير چيو ته اڄ اِها جمهوريت ۽ قانون جي ڳالهين سيکاريندا آحن جيڪي ملڪ ڇڏي هليا ويا ان جو حساب ڏيڻو پوندو.

هن چيو ته علي امين گنڊاپور تي فخر آهي جنهن مولانا  کي ٻيهر چونڊن جو چيلينج ڏنو ته کير جو کير ۽ پاڻي جو پاڻي ٿي ويندو.

بچاءَ واري وزير چيو ته اِها غلط بياني پاڪستان کي نه ٻڌايو پر حقيقت ٻڌايو ته ملڪ ۾ ڇا ٿي رهيو آهي ۽ هي ڇا ٿا چاهن، مولانا فضل الرحمان اُتي (اسلام آباد ۾) ويٺا آهن ڳالهيون ناهن ڪندا ۽ چون ٿا ته اسان اليڪشن کي نٿا مڃون ٻيهر به اليڪشن ٿي ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف کٽي تڏهن به اسان نه مڃنداسين.

پنهنجي ڳالهه جاري رکندي هن چيو ته هتي ڪنهن جو راڄ آهي؟ هي ملڪ ڪنهن جي لاءِ بڻيو آهي؟ هي اسان جو پاڪستان آهي هن ملڪ جي لاءِ اسان قربانيون ڏنيون.

پرويز خٽڪ چيو ته آئون هن کي چوان ٿو ته صبر ڪيو توهان کي گهڻو ڪجهه ڏسڻو پوندو، هي تماشو هاڻ نه هلندو، اهڙي ريت هي ملڪ نه هلندو، پاڪستان ۾ توهان جمهوريت نٿا مڃون، قانون نٿا مڃون آئون مخالف ڌر کي چوان ٿو ته مسلم ليگ ن، پيپلز پارٽِي ۽ عوامي نيشنل پارٽي وڃي جمهوريت جي ڳالهه ڪن مولانا کي اسيمبلي ۾ آڻن ۽ پوءِ جمهوريت جي ڳالهه ڪن.

هي به پڙهي سگهو ٿا:شاهه محمود، جهانگير ترين ۽ پرويز خٽڪ کي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور

بچاءَ واري وزير چيو ته جمهوريت جي ڳالهه ڪندا آحن ملڪ جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو آهي، مون سڄو تماشو ڏٺو آهي، ڀٽو کي ڪنهن ڪيرايو، نواز شريف جي حڪومت ڪنهن ختم ڪئي؟ اِهي ئي ماڻهو بيٺا آهن هنن ئي گڏجي سڀني کي ڪيرايو.

هن چيو ته جمهوريت چاهيو ٿا هن ملڪ کي هلائڻ چاهيو ٿا ته اچي ڳالهيون ڪيو، اُتي ڌرڻو هنيو آهي ته ويٺا رهو پر ملڪ کي نقصان نه رسايو، ملڪ کي تباهه نه ڪيو.

پرويز خٽڪ چيو ته هي ڌانڌلي جي ڳالهه ڪندا آهن، اسان به ڌانڌلي جي ڳالهه ڪئي اسان اليڪشن ڪميشن وياسين، اسان عدالت وياسين اسان اسيمبلي آياسين پر هي ته ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ئي ناهن.

هن چيو ته مولانا فضل الرحمان چوي ٿو ته جرڳو ٽائم پاس ڪرڻ جي لاءِ آهي ته اسان به توهان سان ٽائم پاس ٿا ڪيون ڇا ٿا ڪري سگهو.

بچاءَ واري وزير چيو ته هي جمهوريت جي ڳالهه ڪندا آهن وزير اعظم اسيمبلي ۾ ايندو آهي هن کي ڳالهائڻ ناهي ڏنو ويندو اسان توهان جي ڳالهه ٻڌون ٿا پر پاڻ برداشت نٿا ڪري سگهون.

خواجا آصف:

بچاءَ واري وزير کان پوءِ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي پاڪستان مسلم ليگ ن جي قومي اسيمبلي ميمبر خواجا آصف چيو ته حڪومت جي رويي سان جمهوريت جو ٻيڙو غرق ٿيندو.

هن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ اسان جي تقريرن جو آواز بلند ڪيو ويندو آهي  جيڪڏهن اسان کي هتي اظهار راءِ جي آزادي هن ايوان جي ڀتين ۾ به ناهي ته آئون سمجهان ٿو ته هن ملڪ ۾ جمهوريت نالي ڪا به شئي ناهي.

خواجا آصف چيو ته 65 هزار ڪوڙن ووٽن سان نااهل قرار ڏنل شخص ڪالهه هن ايوان جي توهين ڪئي، ڪالهه تائين اسٽي حرام هو اڄ اسٽي حلال ٿي ويو آهي.

هن چيو ته هن ايوان ۾ 12 آرڊيننس بنا ڪنهن ڪارروائي جي پاس ڪيا ويا ۽ وزير اعظم پنهنجي آفيس ۾ ويهي ڏسندو رهيو جنهن ريت قانون سازي ٿي ان تي سڄو ايوان شرمسار آهي ٿيو.

مسلم ليگ ن جي قومي اسيمبلي ميمبر چيو ته گذريل ڏينهن جيڪو ٿيو اُهو هن ايوان جي لاءِ سٺو سنئوڻ نه هو،  اهڙا رويا رهيا ته سڄو نظام ان جي ور چڙهي ويندو.

خواجا آصف چيو ته جمهوريت جو ٻيڙو غرق ٿيندو پرويز خٽڪ توهان جو ۽ اسان جو ٻيڙو غرق ٿي وڃي ان جي ڪا به فڪر ناهي پر ادارن جو ۽ جمهوريت جو ٻيڙو غرق ٿيندو.

هن بچاءَ واري وزير جي بيان جو حوالو ڏيندي چيو ته هي ٻج توهان پوکيا هئا جنهن کي هاڻ لُڻي رهيا آهيو، پرويز خٽڪ توهان ڪنٽينر تي چڙهي ڊانس ڪندا هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.