قومي اسيمبلي ۾ رڪارڊ قانونسازي، بحث بنا 11 بل منظور، ”گو نيازي گو جا نعرا“

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) حڪومت قومي اسيمبلي جي نئين سيشن جي پهرين ڏينهن ئي رڪارڊ قانونسازي ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي، اپوزيشن جي سخت احتجاج ۽ هنگامي باوجود  بنا بحث جي 11 بل منظور، تفصيل موجب ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي صدارت ۾ قومي اسيمبلي جو اجلاس شروع ٿيندي ئي هنگامي جي ور چڙهي ويو، حڪومت طرفان صدارتي آرڊيننس ۽ بل پيش ڪيا ويا، وزير ۽ پارلياماني سيڪريٽري ڌڙا ڌڙ بل  پيش ڪندا رهيا ۽  ڊپٽي اسپيڪر تڪڙ ۾ اهي پاس ڪرائيندو رهيو،  اپوزيشن ” گو نيازي گو“ جانعرا هنيا، ان دوران پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن بل 2019ع منظور ڪيو ويو، اپوزيشن پاران مخالفت ڪئي وئي ۽ ميمبرن احتجاج طور ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي اڇلائي ڇڏيون، ان کان علاوه فيڊرل گورنمينٽ ايمپلائز هائوسنگ اٿارٽي آرڊيننس 2019ع ۾ 120 ڏينهن جي واڌ جي منظوري به ڏني وئي، قومي دهشتگردي ٽوڙ اٿارٽي ترميمي آرڊيننس 2019ع ۾  120ڏينهن جي منظوري به ڏني وئي، آرڊيننسن ۾ واڌ جو ٺهراءُ مملڪتي وزير علي محمد خان پيش ڪيو،اپوزيشن طرفان سخت نعريبازي  ڪئي وئي ۽ ” گو سليڪٽڊ گو“ جا نعرا به هنيا ويا، اپوزيشن ايوان ۾ ” آرڊيننس فيڪٽري“ جا نعرا به هنيا، ايوان عورتن جي جائيداد ۾ حق جي حوالي سان بل 2019ع، ليگل اينڊ جسٽس ايڊ اٿارٽي بل 2019ع ۽ پٺتي پيل طبقن لاءِقانوني مدد ۽ انصاف اٿارٽي بل منظور ڪيا،اجلاس ۾ اعليٰ عدليه ۾ ڊريس ڪوڊ لاڳو ڪرڻ بابت بل 2019ع، تحفظ مخبر نگران ڪميشن جي قيام جو بل، نيا پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي بل، مجموعه ضابطا ديواني ترميمي بل ۽ بي نامي ٽرانزيڪشن ترميمي بل 2019ع ڪثرت راءِ سان منظور ڪيو ويو، ايوان قومي احتساب بيورو ترميمي بل 2019ع  جي به منظوري ڏني جنهن تحت احتساب آرڊيننس 1999ع ۾ ترميم ڪئي وئي آهي، ايوان ۾ مجموعي طور تي 15 بل پيش ڪيا ويا جن مان 11 جي منظوري ڏني وئي، 9 آرڊيننسن کي به بل جو حصو بڻايو ويو جن مان 7 تازو جاري ٿيندڙ آرڊيننس به شامل آهن جڏهن ته 3 آرڊيننسن ۾ 120 ڏينهن جي توسيع ڪئي وئي، اجلاس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، شاهد خاقان عباسي ۽ خورشيد شاهه جي صحتيابي لاءِ به دعا ڪرائي وئي، جڏهن ته پارلياماني سيڪريٽري ڊاڪٽر نوشين ميڊيڪل ٽربيونل آرڊيننس 2019ع پيش ڪيو، اسيمبلي ۾ اپوزيشن جي احتجاج دوران بحث کان بغير ئي آرڊيننس ۽ بل منظور ڪيا ويا، اپوزيشن ميمبرن اسپيڪر ڊائيس تي اچي احتجاج ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.