”قومي ادارا اسان کي پنهنجي امانت موٽائي ڏين“

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان پاڪ فوج جي ترجمان جي بيان کي ڀليڪار ڪندي چيو آهي ته قومي ادارا اسان کي پنهنجي امانت موٽائي ڏين.

اسلام آباد ۾ آزادي مارچ کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته پاڪ فوج جي ترجمان جي ان بيان کي ڀليڪار چئون ٿا، جنهن ۾ چيو ته فوج هڪ غير جانبدار ادارو آهي ۽ غير جانبدار ئي رهڻ چاهي ٿو، پاڪ فوج قوم جي اها خاطري ڪرائي آهي ته فوج هڪ غير جانبدار ادارو آهي ۽ غير جانبدار رهڻ چاهي ٿو، اهو ڏينهن به توهان کي ياد هوندو، جڏهن اسان جي جوانن ڀارت جو جهاز ڪيرايو ۽ ان جي پائلٽ کي پڪڙيو، اسان جي ڪارڪنن هر چوڪ تي بيهي پاڪ فوج جي شاباشي پيش ڪئي پر گِلا پنهنجن سان ڪبي آ، ڌارين سان نه.

هي به پڙهي سگهو ٿا: اپوزيشن جو حڪومت تي دٻاءُ وڌائڻ جو فيصلو

هن چيو ته اسان قومي ادارن کي اهو چوڻ چاهيون ٿا ته اسان کي پنهنجي امانت واپس موٽائي ڏيو، ووٽ قوم جي امانت آهي ۽ هن اجتماع کي سنجيده وٺو، هتي موجود ماڻهن کي قوم سمجهو، هي اهي ماڻهو آهن، جيڪي توهان سان گڏ هوندا.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اهو رڳو مان نه ٿو چوان پر تصديقي صورتحال سامهون آئي آهي ته رجيڪٽڊ وزيراعظم جي ڀيڻ دبئي ۾ 7 اربن جي سيڙپ بئنڪن ۾ ڪيئن پيدا ڪئي، اهو پئسو ڪٿان آيو؟ هي آهي اهو اين آر او جيڪو توهان پنهنجي ڀيڻ کي ڏنو آهي پر مون کي اهو چوڻ هو حق پهچي ٿو ته هاڻ توهان کي ڪو اين آر او نه ملندو.

جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان پنهنجي تقرير دوران ڳالهين لاءِ قائم ڪيل حڪومتي ٽيم کي مخاطب ٿيندي چيو ته بي معنيٰ اچ وڃ نه ڪيو، اچو ته استعيفيٰ کڻي اچو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.