پي ايس 86 ننڍي چونڊ: پ پ اميدوار صالح شاهه کي سرسي

 

جوهي (ويب ڊيسڪ) دادو جي تعلقي جوهي ۾ صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي ايس 86 دادو 4 تي پولنگ جو وقت ختم ٿيڻ کانپوءِ ووٽن جي ڳڻپ جو عمل جاري آهي، جنهن تحت پ پ اميدوار تحريڪ انصاف اميدوار تي سرسي حاصل ڪري ورتي آهي.

پ پ ايم پي اي غلام شاهه جيلاني جي لاڏاڻي سبب خالي ٿيل سيٽ لاءِ پيپلز پارٽي ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف اميدوار سميت 4 آزاد اميدوار ميدان ۾ آهن.

158 پولنگ اسٽيشنز تي پولنگ جو عمل صبح 8 وڳي کان شروع ٿيو، جيڪو بنا ڪنهن وقفي جي شام 5 وڳي تائين جاري رهيو.

هي به پڙهي سگهو ٿا: بلاول ڀٽو زرداري ”عدالتي نظام“ تي سوال اٿاري ڇڏيا…!

115 پولنگ اسٽيشنز جي غير حتمي ۽ عير سرڪاري نتيجن موجب پ پ اميدوار سيد صالح شاهه 32692 ووٽن سان پهرين، جڏهن ته تحريڪ انصاف جو امداد خان لغاري 14926 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آهي.

پولنگ دوران ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ فوج ۽ رينجرز جا 11 سئو، جڏهن ته پوليس جا 13 سئو اهلڪار مقرر ڪيا ويا.

پاڪ فوج ۽ رينجرز جا اهلڪار پولنگ اسٽيشنز اندر ۽ ٻاهر مقرر رهيا، جڏهن ته ضلعي انتظاميا جي هدايت تي سڄي دادو ۾ عام موڪل رهي.

هوڏانهن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پولنگ اسٽيشنز جي اندر ۽ ٻاهر فوج جي مقرري تي تنقيد ڪئي آهي.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪيترائي ڀيرا احتجاج ۽ اليڪشن ڪميشن کي ڪئي ويندڙ دانهن باوجود پي ايس 86 جي ضمني چونڊ ۾ پولنگ اسٽيشنز جي اندر ۽ ٻاهر فوج کي مقرر ڪيو ويو.

هن چيو ته گذريل عام چونڊن ۾ جڏهن پهريون ڀيرو اها روايت وڌي وئي، پ پ تڏهن کان ان جي مخالفت ڪري رهي آهي، اهڙا قدم غير ضروري طور اسان جي هٿياربند فوج کي تڪراري بڻائيندا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.