نمرتا جي رت ۾ مرد جا جزا هجڻ ۽ ساهه مُنجهڻ سبب موت جي تصديق

 

لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) چانڊڪا ۾ فوت ٿيل شاگردياڻي نمرتا جي رت ۾ مرد جا جزا ملڻ جي تصديق ٿي آهي، جڏهن ته حتمي ڊي اين اي رپورٽ ۾ موت جو سبب ساهه مُنجهڻ قرار ڏنو ويو آهي.

لاڙڪاڻي جي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي هاسٽل مان 16 سيپٽمبر تي ميرپور ماٿيلو واسڻ بيبي آصفه ڊينٽل ڪاليج جي آخري سال جي شاگردياڻي نمرتا چنداڻي جو لاش اچڻ واري معاملي بابت ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج لاڙڪاڻو اقبال حسين ميتلو جي سربراهي ۾ جوڙيل جڊيشل انڪوائري آخري مرحلي ۾ داخل ٿي وئي آهي.

نمرتا جي پوسٽ مارٽم رپورٽ ميڊيڪو ليگل آفيسر ڊاڪٽر امرتا پاران جاري ڪئي وئي، جنهن ۾ نمرتا جي موت جو ڪارڻ ساهه ٻوساٽجڻ کي قرار ڏنو ويو آهي.

نمرتا جي جسم ۽ ڪپڙن مان هڪ مرد جو ڊي اين اي ملڻ جي به تصديق ٿي چڪي آهي. نمرتا جي ڳلي تي نشان موجود هئا پر نشان ڳلو دٻجڻ جا آهن يا ڦاهي سان لڙڪڻ جا آهن، ان جو فيصلو جاچ ڪندڙ ادارا جاءِ واردات مان مليل ثبوت سان ڪندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.