سنڌ جي آبادگارن سان ظلم، آخر ڪيستائين.؟

امتياز چانڊيو

انسان جي جياپي ۽ واڌ ويجهه لاءِ زراعت جو شعبو تمام گهڻي اهميت رکي ٿو، ايتري اهميت رکي ٿو جو جيڪڏهن جنهن ڌرتي تي زراعت ٿيڻ بند ٿي وڃي ته اتي ڏڪار اچي ويندو آهي ۽ ڏڪار شدت اختيار ڪري وڃي ته انسانن، جانورن، پکين ۽ جيتن جون زندگيون داءَ تي لڳي وينديون آهن، تنهن ڪري سڄي دنيا ۾ هر روز نوان طريقا استعمال ڪري، نهري نظام درست ڪرڻ لاءِ وڏيون بجيٽون رکي زراعت جي واڌاري لاءِ پيون ڪوششون ڪيون وينديون آهن، انسانن جي تيزيءَ سان وڌندڙ آبادي کي نظر ۾ رکندي انهن جي خوراڪ پوري ڪرڻ لاءِ زراعت ۾ وڌيڪ پيداوار ڏيندڙ نوان ٻج متعارف ڪرايا ويندا آهن ته جيئن وڌندڙ انسانن جي آبادي لاءِ خوراڪ جو پوراءَ ڪري سگهجي، قدرت جي مهربانين سان سڄي سنڌ جي زمين زرخير آهي، زمين جي جنهن به حصي ۾ پاڻي پهچائي ڪو ٻج اڇلايو وڃي ٿو ته اهو سٺي نموني ڦٽي ٿو ۽ سٺي پيداوار ڏئي ٿو، جنهن مان انسان، جانورن ۽ پکي پنهنجي خوراڪ جو پوراءُ ڪن ٿا.

هن وقت ڪجهه ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته هٿ وٺي سنڌ جي زراعت کي تباهه ڪرڻ جون سازشون تيز ٿي ويون آهن، هڪ ته قدرتي ايندڙ مصيبتن سنڌ جي زراعت کي نقصان پهچايو آهي ۽ ٻيو وري لاڳاپيل ادارا به سنڌ جي زراعت سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪندا آيا آهن، سنڌ ۾ مکيه فصل سارين، ڪمند، ڪڻڪ، سورج مکي ۽ ڦٽين جا ٿين ٿا، ڀاڄيون به وڏي مقدار ۾ پوکيون وڃن ٿيون، پر بدقسمتي سان جنهن فصل جي سيزن اچي ٿي ۽ اهو فصل پوکجي تيار ٿو ٿئي ته ان سان واپاري توڙي لاڳاپيل ادارا اهڙو حشر ڪن ٿا جو آبادگارن ۽ هارين جو ٻيهر اهو فصل پوکڻ تان ارواهه ئي کڄندو پيو وڃي. هن وقت سنڌ ۾ سارين ۽ ڪمند جو فصل تيار ٿيو آهي، وڏن خرچن ۽ وڏين محنتن کان پوءِ ٻئي فصل پچي راس ٿيا آهن، پر انهن جو حال ڏسي تمام گهڻو ڏک ٿي رهيو آهي، سارين جي پوکي وقت ڪيترن ئي نالن سان جعلي ڪمپنيون مارڪيٽ ۾ لهي پيون هيون، جن في ڪلو سارين جو ٻج هڪ هزار روپيا قيمت تي هارين کي ڏنو ۽ ان مان وڌيڪ اپت جا وڏا خواب ڏيکاريا، بدقسمتي سان ٿيو اهو جو جڏهن سارين جو فصل نيسر تي پهتو ته سنگ ۾ اڌ پاپڙي ۽ اڌ چانور ظاهر ٿيو، جنهن سان هارين کي تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي، مٿان وري اڇي مک جو حملو ٿيو، جنهن ڪري هاري ۽ آبادگار سارين جي فصل جو خرچ به ڪڍڻ ۾ مشڪل ۾ پئجي ويا، هارين جي مٿي تي هٿ اچي ويا ۽ اهي ڪمپنيون جن ٻج ڏنو سي آساني سان وڏو منافعو ڪمائي مارڪيٽ مان گم ٿي ويون، جيتوڻيڪ سارين جي فصل سان لاڳاپيل آبادگار ۽ هاري پنهنجون خوشيون به سلهاڙي رکندا آهن، شادين جون تاريخون به فصل لهڻ واري مند جي حساب سان طئي ٿينديون آهن، فصل لهڻ کانپوءِ خوشيون ملهائڻ به سنڌ جي روايت صديون پراڻي آهي، فصل عام ماڻهن لاءِ ٻهراڙي ۾ خوشيءَ جي علامت جي حيثيت رکي ٿو، جنهن سان گذريل ڪجهه سالن ۾ اهڙي حالت ٿي آهي، جو سنڌ جي ماڻهن کان خوشيون به رسي ويون آهن، هاڻ جڏهن وارو آيو آهي ڪمند جو، ڪمند ٿيو آهي تيار ته ڪمند جي آبادگارن سان جيڪو حشر شگرملن وارن ڪيو آهي، اهو به ڪنهن کان لڪل ناهي، 15 آڪٽوبر تي شروع ٿيندڙ شگرملون نومبر جي پهرين هفتي گذرڻ جي باوجود هلي ناهن سگهيون، ان سلسلي ۾ وري زراعت کاتي به ڪمند جي آبادگارن سان ناهي نڀايو، شگرمل مالڪن جي اڳيان مجبور ٿي بيٺل زراعت کاتي جو وزير اڃا تائين ڪمند جي اگهه جو به اعلان ناهي ڪري سگهيو، جيتوڻيڪ ڪمند جا آبادگار بيوس بڻجي احتجاج ۽ دانهون ڪري رهيا آهن، پر مجال جو زراعت کاتو سندن مسئلو حل ڪرائڻ لاءِ اڳتي وڌيو هجي يا ڪين ڪمشنر سميت ڪنهن اختياري شگرمل وارن کي ملون هلائڻ لاءِ زور بار ڪيو هجي.

سنڌ جي زراعت جي تباهي تي ڳڻتي ۾ وڪوڙيل آبادگارن جي دانهن آهي ته سنڌ ۾ آبادگارن کي ڦٽيءَ سميت ڪنهن به جنس جو ڪو معياري ٻج نٿو ملي، جنهن ڪري زرعي معيشت متاثر ٿي رهي آهي، ٻيو ته اهڙو ڪو زرعي تحقيق وارو ادارو ئي ناهي، جيڪو معياري ٻج فراهم ڪري، جيتوڻيڪ پاڪستان جي مجموعي آباديءَ مان 70 سيڪڙو آبادي زراعت تي ڀاڙي ٿي ۽ سنڌ اندر شهر هجن يا ٻهراڙيون هتان جي معيشت گهڻو ڪري زراعت جي چوڌاري ئي گهمي ٿي، هڪ ته پاڻيءَ جي کوٽ، ٻيو جر کارو ٿيڻ، ٽيون حصي جو پاڻي نه ملڻ، فصل پوکجن ته ٻج، ڀاڻ مهانگو ۽  جنسن جا اگهه ڪيرائي ڇڏڻ واري روش سنڌ جي زراعت کي تباهيءَ ڪناري پهچائي ڇڏيو آهي، زراعت جي سار سنڀال ۽ ان کي هٿي وٺرائڻ جي ذميوار ادارن جي ڪن لاٽار به زرعي سنڌ کي ڄڻ ته ڀڻ ڀانگ ڪري ڇڏيو آهي، هر طرف کان سوڙهي ڪيل سنڌ جي زرعي معيشت شديد دٻاءَ هيٺ آهي، آبادگارن ۽ هارين کي فصلن جو صحيح اگهه نٿو ملي، سٺا ٻج سنڌ ۾ ملڻ ۽ پيدا ٿيڻ بند ٿي ويا آهن، مٿان وري سنڌ جو ڪمند هجي يا ڪو ٻيو فصل، تنهن کي نظرانداز ڪندي پنجاب کان ڪمند سنڌ ۾ آڻڻ سنڌ جي زرعي معيشت لاءِ سخت هاڃيڪار آهي، اهڙي صورتحال ۾ سنڌ سرڪار خاص طور تي سنڌ جي زراعت کاتي کي شگرملن جي آبادگارن سان اختيار ڪيل ظالماڻي رويي جو سختي سان نوٽيس وٺندي سارين جو جعلي فصل مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪندڙ ڪمپنين خلاف سخت ڪارروائي ڪري آبادگارن ۽ هارين سان گڏيل صلاح مشورن سان زرعي پاليسي جوڙڻ گهرجي ته جيئن زراعت جي پيدوار گهٽ نه ٿئي.

مون سان ته هڪ آبادگار اهو به خدشو ظاهر ڪيو ته جيڪڏهن شگرملن وارن پنهنجي ظالماڻي روش ختم نه ڪئي ۽ کين فائدي بجاءِ هر سال نقصان ئي ٿيندو رهيو ته پوءِ آبادگار ڪمند جو فصل پوکڻ بند ڪري ڇڏيندا، هاڻ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جيڪڏهن ڪمند جي پوکائي سنڌ ۾ آهستي آهستي بند ٿي وئي ته شگرملن کي هلائڻ لاءِ ڪمند ڪٿان ايندو ۽ جيڪڏهن شگرملون نه هليون ته سنڌ ۾ کنڊ جو بحران شدت اختيار ڪري ويندو، جنهن جو سڌو اثر عام ماڻهن تي پوندو، زراعت کاتي کي گهرجي ته سنڌ جي زراعت واري شعبي سان سنجيده ٿي، زراعت جي واڌاري لاءِ اپاءَ وٺي، فوري طور تي شگرملون هلرائي آبادگارن کي صحيح اگهه ڏياريون وڃي ته جيئن ڪمند جا آبادگار نقصان کان بچي سگهن، ڪمند جي ڪٽائي وقت سر ٿئي ته جيئن انهن جي زمينن ۾ ڪڻڪ جي پوکي به ٿي سگهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.