ماهرا خان گڏيل قومن جي خير سگالي سفير مقرر

سلام آباد (شوبز نيوز ) جڳ مشهور اداڪارا ماهرا خان گڏيل قومن جي مهاجرن بابت هاءِ ڪميشن جي خير سگالي سفير مقرر ٿي وئي.

اسلام آباد ۾ گڏيل قومن جي مهاجرن بابت هاءِ ڪميشن طرفان ملڪ جي خير سگالي سفير ماهرا خان جي اعزاز ۾ تقريب ڪوٺائي وئي. تقريب کي خطاب ڪندي ماهران خان چيو ته آئون خوش قسمت آهيان جو  ان نيڪ مقصد لاءِ منهنجي چونڊ ٿي ۽ آئون گڏيل قومن جي مهاجرن بابت (اين ايڇ سي آر) جي ٿورائتي آهيان جن مون تي اعتماد ڪيو، خدا مون کي ان مقصد لاءِ چونڊيو جنهن آئون پوري لهنديس.

هن چيو ته پاڪستان عوام افغان مهاجرن کي کليل دل سان ڀليڪار چيو، اهو ئي سبب آهي ته پاڪستان 40 ورهين کان 40 لک مهاجرن جي مدد ڪري رهيو آهي. ماضي ۾ مهاجرن جي مسئلن کي ايتري اهميت نه ڏني وئي پر اها ڳالهه گھڻي اهم آهي ته مهاجرن جو مسئلو ڪنهن هڪ ملڪ جو نه پر سموري دنيا جو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.