پاڪستاني فلم انڊسٽري سڌي رستي هلي پئي آهي: عائشا عمر

ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪارا عائشا عمر چيو آهي ته پاڪستان جي فلم انڊسٽري سڌي رستي تي هلي پئي آهي ۽ هاڻ هتي به سٺيون فلمون ٺهي رهيون آهن.

وائيس آف آمريڪا کي ڏنل انٽرويو ۾ عائشا عمر چيو ته پاڪستاني فلم انڊسٽري هاڻ سڌي رستي هلي پئي آهي. پنهنجي سڀ کان پسنديدا فلم بابت پڇيل سوال تي هن کلندي چيو ته ”سڀ کان سٺي فلم ته اڃا تائين ٺهي ئي ناهي، پر جلد ٺهندي“.

فلمي دنيا ٻه سال غير حاضر رهڻ بابت اداڪارا ٻڌايو ته ٻه سال اڳ آئون سوچيو ته ”يه جواني ڦر نهين آني“ ته پوءِ ڇو نه دنيا ئي ڏٺي وڃي. ان ڪري دنيا گھمڻ نڪري پيس ۽ گذريل ٻن ورهين کان گھڻن هنڌن جو سفر ڪيو.

هن چيو ته آئون ان عرصي دورنا ٽن فلمن ۾ به ڪم ڪيو آهي جن مان هڪ ”ڪاف ڪنگنا“ رليز ٿي چڪي آهي جڏهن ته ”رهبرا” تي ٻيهر ڪم شروع ٿي چڪو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.