ورات ڪوهلي 31هون جنم ڏينهن گهرواريءَ سان گڏ ڀوٽان ۾ ملهايو

 

ٿمپو (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ورات ڪوهلي پنهنجي زال انوشڪا شرما سان گڏ ڀوٽان ۾ 31هون جنم ڏينهن ملهايو.

ورات ڪوهلي پنهنجي گهرواري انوشڪا شرما سان ڀوٽان ۾ موڪلون ملهائي رهيو آهي، جتي هن پنهنجي 31هين سالگرهه به ملهائي.

انوشڪا شرما ان موقعي تي خوبصورت واديءَ ۾ ڪڍيل ڪجهه تصويرون سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيون.

بالي ووڊ اداڪارا لکيو ته ورات زندگي توهان لاءِ وڏيون شيون پاڻ وٽ رکيون آهن پر توهان کي هر هڪ لاءِ تيار رهڻو پوندو ۽ جيڪو موقعو ملي ان کي حاصل ڪرڻو پوندو، ڪڏهن به ڪنهن شئي کي پنهنجي لاءِ يقيني نه سمجهو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.