اسلام آباد يونائيٽيڊ کي ٻه ڀيرا چيمپيئن بڻائيندڙ ڊين جونز برطرف

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد يونائيٽيڊ پاڪستان سپر ليگ جي ايندڙ سيزن کان اڳ وڏو قدم کڻندي هيڊ ڪوچ ڊين جونز کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو.

اڳوڻي آسٽريلين آل رائونڊر ڊين جونز ٽوئيٽر تي ويڊيو پيغام ۾ چيو ته اسلام آباد يونائيٽيڊ جي مالڪن سان گفتگو کانپوءِ انهن ايندڙ سيزن ۾ نئين ڪوچ سان گڏ وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

هن فرنچائز جي ان فيصلي تي مايوسي جو اظهار ڪندي چيو ته منهنجي ڪوچنگ ۾ اسلام آباد جي ٽيم ٻه ڀيرا چيمپيئن بڻي ۽ 8 مان 6 پلي آف کٽيا.

سندس چوڻ هو ته اهي 4 سال شاندار رهيا، ڪيترائي نوجوان اسلام آباد يونائيٽيڊ طرفان کيڏيا ۽ پوءِ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي، انهن رانديگرن جي ڪري اسان چيمپيئن شپ کٽي.

ڊين جونز اسلام آباد يونائيٽيڊ جي سپورٽنگ اسٽاف جا ٿورا مڃيندي چيو ته مان ريحان، حسان ۽ ڊيرن بيري سميت سڀني جو ٿورائتو آهيان، ان سفر دوران مان تمام گهڻو لطف اندوز ٿيس.

هوڏانهن اسلام آباد يونائيٽيڊ پڻ ڊين جونز کي عهدي تان هٽائڻ جي تصديق ڪئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.