فلائيٽ جي بڪنگ لاءِ موبائل ايپ متعارف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائين (پي آءِ اي) مسافرن جي سهولت لاءِ فلائيٽ بڪنگ ايپليڪيشن متعارف ڪرائي ڇڏي.

پي آءِ اي موبائل ايپ ترڪي جي آءِ ٽي ڪمپني ”هٽ اٽ“ جي سهڪار سان ٺاهي آهي، ايپ مسافرن کي فلائيٽ بڪنگ کان سواءِ فلائيٽ جي اسٽيٽس، فلائيٽ جي وقت ۽ بڪنگ جي حوالي سان ٻي ڄاڻ به فراهم ڪندي.

ان سمارٽ ايپ جي سائيز 26 ايم بي آهي جنهن کي اينڊرائڊ 4.1 ۽ ان کان وڌيڪ جا واهپيدار پنهنجي فون ۾ ڊائون لوڊ ڪري سگھندا.

هي به پڙهي سگھو ٿا:هاڻ مسافر پاڻ جهاز لينڊ ڪرائي سگھندا..!

اها ايپ ترڪي جي آءِ ٽي ڪمپني پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائين سان ڀائيواري جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ جي تقريب جي موقعي تي متعارف ڪرائي وئي.

پي آءِ اي جي چيف ايگزيڪٽو آفيسر ارشد ملڪ جو چوڻ آهي ته هٽ اٽ ڪمپني کي آمدني پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڪئي آهي، اسان جي ترڪي جي ڪمپني سان ڀائيواري کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي مبارڪ پيش ڪيون ٿا.

ان موقعي تي ترڪش ڪمپني جي سي اي او نور گوڪمين جو چوڻ هو ته ٻنهي ڪمپنين وچ ۾ ڀائيواري اڃا اڳتي ويندي ۽ اها ٻنهي ڪمپنين ۾ خوشحالي آڻيندي.

هي به پڙهي سگھو ٿا: ٽوئيٽر جو سياسي اشتهارن تي پابندي جو اعلان

پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائين جي ايپ واهپيدارن لاءِ گوگل پلي اسٽور تي موجود آهي، ايپ مان هن وقت رڳو اينڊرائڊ يوزرس ئي فائدو وٺي سگھن ٿا ڇو جو اڃا اها ايپل اسٽور تي موجود نه آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.