شهدادپور جي مختلف علائقن ۾ ماڪڙ پهچي وئي

وامي آواز رپورٽ
شهدادپور جي مختلف علائقن ۾ ماڪڙ پهچي وئي
وامي آواز رپورٽ شهدادپور جي مختلف علائقن ۾ ماڪڙ پهچي وئي

 

 

ٿر پارڪر کانپوءِ ماڪڙ شهدادپور جي مختلف علائقن ۾ پهچي وئي آهي.

مقامي آبادگار محمد خان وساڻ ٻڌايو ته آگاهه ڪرڻ باوجود حڪومت طرفان ماڪڙ کي روڪڻ لاءِ ڪي به اپاءَ نه ورتا ويا آهن.

هن چيو ته ماڪڙ ٿر کانپوءِ شهدادپور پهچي وئي آهي، جنهن سبب وڏي پيماني تي نقصان جو خدشو آهي.

محمد خان وساڻ چيو ته ماڪاڙ تي ضابطو نه آندو ويو ته آبادگارن ته معاشي ڏکيائين کي منهن ڏيندا پر ڪڻڪ جي گهٽ پيداوار سبب ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي ويندي.

آبادگار مطالبو ڪيو ته ماڪڙ جي خاتمي لاءِ جوڳا اپاءَ وٺي کين معاشي بدحالي جو شڪار ٿيڻ کان بچايو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.