سنڌ هاءِ ڪورٽ جو ٺٽي ۽ سجاول ۾ منشيات فروشن خلاف ڪارروائي جو حڪم

 

ڪراچي (رپورٽ: ماريا اسماعيل) سنڌ هاءِ ڪورٽ ٺٽي ۽ سجاول ۾ گُٽڪي سوڌو ٻي منشيات جو ڪاروبار ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ ٺٽي ۽ سجاول ۾ گٽڪي ۽ ٻي منشيات جي وڪري خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ڄاڻايل درخواست ٺٽي جي رهواسي بارادريو جکري طرفان داخل ڪرائي وئي هئي، جنهن ۾ سنڌ سرڪار، ڊي جي رينجرز، آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي ٺٽي ۽ سجاول کي ڌر بڻايو ويو.

ٻڌڻيءَ دوران درخواستگذار جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته ٺٽي ۽ سجاول ضلعن ۾ پوليس توڙي انتظاميا جي سرپرستي ۾ گُٽڪي سوڌو ٻي منشيات جو ڪاروبار هلي رهيو آهي، پوليس وارا گُٽڪو وڪرو ڪندڙن خلاف ڪيس داخل نه ڪندا آهن، جڏهن ته اهي انساني زندگين سان کيڏي رهيا آهن.

عدالت ٺٽي ۽ سجاول ۾ گُٽڪا مافيا خلاف ڪارروائي ۽ درخواستگذار کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.