اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اقتصادي معاملن بابت وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته اسان پرڏيهي قرضن جي واپسي جا سمورا رڪارڊ ٽوڙينداسين.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حماد اظهر چيو ته گردشي قرض 450 ارب مان وڌي 1200 ارب رپيا ٿي ويا هئا، قرضن سبب توانائي جو سمورو نظام مفلوج ٿي ويو هو، تحريڪ انصاف گذريل سال 10 ارب ڊالر پرڏيهي قرض لاٿو، اسان پرڏيهي قرضن جي واپسي جا سمورا رڪارڊ ٽوڙينداسين.
هي به پڙهي سگھو ٿا:حڪومت بجلي وري مهانگي ڪري ڇڏي
هن چيو ته پيپلز پارٽي جي پهرين 13 مهينن ۾ مهانگائي ساڍا 21 سيڪڙو جڏهن ته ن ليگ جي حڪومت ۾ 8.3 سيڪڙو هئي، تسليم ڪيون ٿا ته مهانگائي ۾ واڌ ٿي آهي، اهو ان ڪري ٿوي آهي جو گذريل حڪومت ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گھڻو ڇڏي وئي، گذريل سال ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ 32 سيڪڙو گھٽتائي آئي، هلندڙ سال ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ 65 سيڪڙو گھٽائي ٿي، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ گھٽتائي سبب ايندر مهينن ۾ مهانگائي گھٽ ٿيندي.
سندس چوڻ هو ته پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ 137 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، مٽا سٽا جي ذخيرن ۾ واڌ ٿي رهي آهي، ٽن مهينن ۾ اسٽاڪ اسڪسچينج ۾ 5500 پوائنٽس واڌ ٿي، سرڪاري کاتن ۾ سڌارا ڪيا پيا وڃن پر ڪنهن کي به فارغ نه پيو ڪيو وڃي.
ڪار جي تڪرار بابت حماد اظهر چيو ته ڪار جي ڪيس ۾ پاڪستان کي وڏي ڪاميابي ملي آهي، ڪمپني 200 ارب رپيا معاف ڪيا، پاڪستان ۽ ترڪي جي وزيراعظمن ان تڪرار کي ختم ڪرڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪيو.