پاڪستان اچي قتل ٿيڻ نٿو چاهيان: ذوالفقار ڀٽو جونيئر

 

لنڊن (ويب ڊيسڪ) پ پ جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀُٽي جي پوٽي، ڀُٽو خاندان جي اڪيلي وارث ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر سياست کان پري رهڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو.

ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر پنهنجي تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ آمريڪا ۾ ئي رهي پيو پر هو پاڪستان ايندو رهندو آهي ۽ هلندڙ سال سيپٽمبر ۾ به هو پاڪستان آيو هو پر پنهنجي ڏاڏي، پيءُ، چاچي، دادي ۽ پڦي جي قبر تي حاضري ڀرڻ ۽ پنهنجي خاندان جي اباڻي ڳوٺ نئين ديري جو چڪر لڳائڻ کانپوءِ واپس پرڏيهه هليو ويو.

گذريل سال جولاءِ ۾ پاڪستان ۾ ٿيندڙ عام چونڊن دوران اهو خيال ڪيو پئي ويو ته ذوالفقار ڀٽو جونيئر ۽ سندس وڏي ڀيڻ فاطما ڀٽو امڪاني طور چونڊن ۾ حصو وٺندا پر ٻنهي چونڊن ۾ حصو نه ورتو.

هي به پڙهي سگهو ٿا: فاطمه ڀٽو سياست ۾ حصو وٺڻ لاءِ  صلاح مشورا شروع ڪري ڇڏيا

هاڻ ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر جو پاڪستاني سياست ۾ حصو نه وٺڻ جي حوالي سان هڪ مختصر بيان سامهون آيو آهي، جنهن ۾ هن پاڪستاني سياست ۾ سنگين خطرن جي نشاندهي ڪئي آهي.

پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر چيو ته پاڪستان اچي قتل ٿيڻ نٿو چاهيان، پاڪستاني سياست ۾ جن کي قتل عام جي عادت ناهي هوندي، اهي قتل ٿي ويندا آهن؟

سندس چوڻ هو ته مون کي قتل ٿيڻ پسند ناهي، تنهن ڪري پاڪستان ناهيان ايندو، اهڙين حالتن ۾ ملڪ اچي قتل ٿيڻ نٿو چاهيان، جڏهن ته ان جي بدلي ۾ خدا جي خلق جو ڀلو به نه ٿئي؟

انٽرويو دوران هن 2017 ۾ سامهون ايندڙ پنهنجي رقص جي ويڊيو تي تبصرو ڪندي چيو ته مون کي آرٽ ۽ فن ۾ سڪون ملندو آهي، جنهن سبب آرٽ جي شعبن ۾ مختلف روپن ۾ نظر ايندو آهيان.

ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر طرفان پاڪستاني سياست ۾ حصو نه وٺڻ جي حوالي سان بيان اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي، جڏهن سندس ڀيڻ فاطما ڀٽو تازو ڊگهي عرصي کانپوءِ ڏيهه پهتي آهي.

فاطما ڀٽو 2 نومبر تي پاڪستان پهتي هئي ۽ هن 6 ورهين کانپوءِ پنهنجي ابن ڏاڏن جي قبرن تي حاضري ڀري.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.