ٽائيفائيڊ حفاظتي ٽڪن جي مهم ۽ والدين جا رويا

مقبول ملاح

ملڪ ۾ پوليو جي خطرناڪ بيماري تي اڃان ڪنٽرول اچي نه سگهيو ته مٿان وري ايڊز جهڙي موذي مرض پاڪستان خاص ڪري سنڌ ۾ خطرناڪ حد تائين پهچڻ کان پوءِ صوبي ۾ ٽائيفائيڊ (مدي جو بخار) جي خطرناڪ صورتحال پڻ سامهون اچي وئي، ايتري تائين جو اينٽي بايوٽڪ دوائون به ٽائيفائيڊ بخار تي اثر انداز ٿيڻ ۾ ناڪام وڃي رهيون آهن. مدي جي بخار ٿيڻ جو سڀ کان وڏو سبب اهڙيون شيون کائڻ آهن، جيڪي صاف ڌوتل نه هجن يا جيڪي صفائيءَ سان رڌل نه هجن، پاڻي صاف يا اوٻاري نه پيئڻ، بازار ۾ گنديون ۽ پاروٿيون شيون کائڻ، ڇاڪاڻ ته مدي جي بخار جا جيوڙا اهڙين شين ۾ وڏي تعداد ۾ موجود هوندا آهن.  اهڙين شين جي کائڻ سان جيوڙا پيٽ ۾ وڃن ٿا. پاڻيءَ جي ذريعي به مدي جو بخار پکڙجندو آهي.

مدي جي بخار جو علامتون: شروع ۾ هلڪو بخار ٿيندو آهي، جيڪو آهستي آهستي تيز ٿي ٽيمپريچر 103 تائين پهچي ويندو آهي. جيڪو 100 کان گهٽ نه ٿيندو آهي ۽ سڄي بدن ۾ سور سان گڏوگڏ دست ۽ الٽيون ٿينديون آهن. مريض کي کاڌو نه وڻندو آهي، دستن، الٽين ۽ کاڌي گهٽ کائڻ ڪري مدي جي بخار ۾ مبتلا مريض ۾ ڪمزوري وڌي ويندي آهي. مدي جو بخار 14 ڏينهن ۽ ڪڏهن ته 21 ڏينهن تائين رهندو آهي، ان ڪري مريض کي ڊاڪٽر جي هدايتن مطابق دوائون استعمال ڪرڻ گهرجن. ڇاڪاڻ ته هن بيماريءَ جو ٿڏي تي علاج نه ڪيو ويو ته موت به اچي سگهي ٿو. هن بخار جو دماغ تي اثر ٿئي ٿو، جنهن ڪري مريض ۾ بيهوشيءَ جي ڪيفيت ٿي ويندي آهي.

هڪ رپورٽ موجب آمريڪا جي صحت بابت هڪ اداري دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان ۾ اينٽي بايوٽڪ دوائون مدي جي بخار تي اثر انداز ٿيڻ ۾ ناڪام وڃي رهيون آهن. جنهن کانپوءِ قومي صحت واري ايڊوائيزري مطابق پاڪستان ۾ مدي جي بخار جي ڦهلجڻ جو خطرو وڌي ويو آهي.

حيدرآباد سنڌ جو ٻيو نمبر وڏو شهر آهي، جتي پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ماڻهن جو اچڻ ٿئي ٿو، جنهن ڪري پوليو، هيپاٽائيٽس، ايڊز سميت مختلف وچڙندڙ بيماريون ڦهلجڻ جو خطرو هوندو آهي.

گذريل ڏينهن آغا خان يونيورسٽي طرفان مدي جي بخار جي حوالي سان حيدرآباد ۾ آگاهي پروگرام ڪوٺايو ويو، جنهن ۾  صحت کاتي سميت مختلف سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، صحافين شرڪت ڪئي، هن پروگرام جو مقصد 18 نومبر کان 30 نومبر تائين ٽائفائيڊ حفاظتي ٽڪن بابت پروگرام کي ڪامياب بنائڻ هيو. حيدرآباد ۾ ٽن شهري تعلقن ۽ تعلقي ٻهراڙي جي  ٽنڊو ڄام شهر تي مشتمل 44 يونين ڪائونسلن ۾ 6 لک 57 هزار 987 ،  9 مهينن کان 15 سالن تائين جي ٻارڙن کي مدي جي بخار کان بچاءَ جي ويڪسين لڳائي پئي وڃي. هن پروگرام کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ نه صرف صحت کاتو پر يونيسيف، ڊبليو ايڇ او، پي ايس سي گلوبل سميت مختلف سياسي ۽ سماجي تنظيمون ۽ اڳواڻ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.

ان موقعي تي ڊاڪٽر  فرح خان قمر ٻڌايو ته 2016  ۾ حيدرآباد مان مدي جي بخار جو وائرس شروع ٿيو، جنهن ڪري جاني نقصان پڻ ٿيو. پهرين مرحلي ۾ آغا خان يونيورسٽي طرفان تعلقي ٻهراڙي ۾ مدي جي بخار کان بچاءَ لاءِ ٻن سالن تائين ويڪسينيشن ڪئي وئي، جنهن ۾ ڪنهن حد تائين مدي جي بخار تي ڪنٽرول ڪيو ويو. بهتر ڳالهه اها آهي ته هاڻي سنڌ حڪومت پڻ مدي جي بخار کان بچاءَ جي سڄي سنڌ ۾ ويڪسينيشن شروع ڪئي آهي، جنهن ۾ حيدرآباد جي 44 يونين ڪائونسلن کي شامل ڪيو ويو آهي.

پي ايڇ سي گلوبل جي اڳواڻ ڊاڪٽر محمد عمران خان ٻڌايو ته سندن تنظيم پڻ ٻارڙن کي مدي جي بخار کان بچاءَ واري هن مرحلي ۾ شامل آهي. هن ٻڌايو ته هي بيماري ڪافي وقت کان ٻارڙن ۾ ڦهلجي رهي آهي، وقت جي ضرورت هئي ته ٻارڙن ۾ ويڪسينيشن ڪئي وڃي ۽ سنڌ حڪومت سڄي سنڌ ۾ ويڪسينيشن جي شروعات ڪئي آهي. هن چيو ته هن ويڪسينيشن کانپوءِ 9 مهينين کان 15 سالن تائين جي ٻارڙن ۾ مدي جي بخار تي ڪنٽرول ٿي سگهندو ڇاڪاڻ ته هي بيماري بخار جي صورت ۾  وڏي عرصي تائين ٻارڙن ۾ موجود رهي ٿي، جنهن ڪري ٻارڙن جي تعليم به ڊسٽرب رهي ٿي، ۽ هاڻي ته خطرناڪ حد تائين وڌڻ ڪري موت به واقع آيا آهن. والدين کي گهرجي ته پنهنجن ٻارڙن کي 18 نومبر کان 30 نومبر تائين ٿيندڙ هن ڪيمپين ۾ ويڪسينيشن ڪرائي ته جيئن سندن ٻارڙا صحتمند رهن.

بلڪل سنڌ حڪومت جو هي هڪ سٺو عمل آهي، جنهن ۾ سڄي سنڌ ۾ ٻارڙن کي مدي جي بخار کان بچاءَ جا ٽڪا لڳايا پيا وڃن، هاڻي والدين تي فرض آهي ته هو پنهنجن ٻارڙن کي ٽڪا لڳرائين، پر ان کانسواءِ سنڌ حڪومت تي اهو به فرض ٿئي ٿو ته هو سنڌ واسين کي صاف پاڻي فراهم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.

سنڌ کي پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪندڙ واحد سنڌو درياءَ جيئن ئي سنڌ ۾ داخل ٿئي ٿو ته شهرن جا گندا پاڻي ان ۾ داخل ٿيڻ شروع ٿين ٿا، سکر شهر جو گندو پاڻي پڻ سنڌو درياءَ ۾ ڇوڙ ٿئي ٿو، جڏهن ته سنڌو درياءَ کان نڪرندڙ واهن ۾ پڻ مختلف شهرن جو گندو پاڻي داخل ٿئي ٿو. سنڌ جي جر جو پاڻي مٺو نه هجڻ ڪري سنڌو درياءَ جو ئي پاڻي سنڌ واسي واپرائين ٿا، جيڪو پاڻي صاف نه هجڻ ڪري ٻين ڪيترين ئي بيماري سان گڏ مدي جي بخار جو وائرس به ان پاڻي ڪري ڦهلجي ٿو، هڪ ته سنڌ حڪومت کي گهرجي ته سنڌو درياءَ سميت ان مان نڪرندڙ واهن ۾ گندو پاڻي ڇوڙ ڪرڻ کان شهرين کي روڪين، ۽ والدين تي به اهو فرض آهي ته گهٽ ۾ گهٽ پيئڻ جو پاڻي اوٻارڻ کانپوءِ ئي استعمال ڪن. ڇاڪاڻ ته ويڪسين مدي جي بخار کي روڪي ته سگهي ٿي پر ختم نه ٿي ڪري سگهي، پر والدين جا رويا پنهنجن ٻارڙن کي موذي مرضن کان بچائي سگهن ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.