گڏيل قومن مسلمان پناهگيرن بابت ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي

 

بئنڪاڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي سربراهه انٽونيو گوٽريس بنگلاديش ۾ رهندڙ ميانمار جي 73 هزار روهنگيا پناهگيرن جي حوالي سان ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو آهي.

آچر ڏينهن هن ميانمار جي حڪومت تي زور ڏنو ته اهي انهن مسلمان پناهگيرن جي ملڪ واپسي لاءِ اثرائتا ۽ واضح قدم کڻن.

انٽونيو گوٽريس اهڙو مطالبو ڏکڻ اوڀر ايشيائي قومن جي تنظيم ”آسيان“ جي اڳواڻن سان ملاقات ۾ ڪيو، ميانمار به ان 10 رڪني ملڪن جي تنظيم جو حصو آهي.

واضح رهي ته آسيان جو 35هون اجلاس ٿائلينڊ ۾ شروع ٿيو، جنهن ۾ گڏيل سهڪار ۽ سيڪيورٽي جي حوالي سان مسئلا بحث هيٺ آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.