مالي ۾ دهشتگرد حملي ۾ 50 کان وڌيڪ فوجي اجل جو شڪار

 

بماڪو (ويب ڊيسڪ) اولهه آفريڪي ملڪ مالي ۾ هڪ فوجي اڏي تي حملي جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 53 فوجي مارجي ويا.

مالي جي اطلاعات واري وزير يحيٰ سنگاري ان حملي کي دهشتگرداڻو قرار ڏيندي چيو ته نائجر ڀرسان سرحدي علائقي ۾ موجود هڪ فوجي اڏي کي نشانو بڻايو ويو.

اهڙي حملي جي ذميواري اڃا تائين ڪنهن به قبول ناهي ڪئي.

واضح رهي ته 2012 ۾ عليحدگي پسندن طرفان مالي جي فوج تي ڪيترائي حملا ڪيا ويا هئا، جنهن کانپوءِ القاعدا جا شدت پسند به مالي جي فوج کي نشانو بڻائيندا رهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.