انجيلا ميرڪل ڀارت ۾ ڪشمير مسئلي تي آواز اٿاري ڇڏيو

 

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) جرمن چانسلر انجيلا ميرڪل ڀارت جي قبضي هيٺ ڪشمير جي صورتحال تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اتان جي ماڻهن لاءِ موجوده حالتون ناپائيدار ۽ نامناسب آهن.

پنجين جرمن ڀارتي حڪومتي مشاورتي سمٽ کانپوءِ نئين دهلي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي انجيلا ميرڪل چيو ته اسان عدم استحڪام ۽ تڪرار ۾ گهٽتائي لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون.

سندس چوڻ هو ته جرمني جي خواهش آهي ته ڀارت ۽ پاڪستان ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ لاءِ گڏجي هڪ پرامن حل ڳولڻ ۾ ڪامياب ٿين.

جرمن چانسلر وڌيڪ چيو ته والاريل ڪشمير جي موجوده صورتحال ۾ بهتري آڻڻ ضروري آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.