ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڄ اسان اوهان لاءِ مغل بادشاهن جي شاهي ڊش نرم ۽ مزيدار ريشمي ڪباب جي ريسپي آندي آهي، ريشمي ڪباب پنهنجي انوکي ۽ لاجواب ذائقي جي ڪري گھڻو مشهور آهي. ان کي نان ۽ قلچي ٻنهي سان گڏ کائڻ جو پنهنجو پنهنجو مزو آهي، جيڪڏهن اوهان گھر ۾ ڪا دعوت رکي آهي ته ريشمي ڪباب ان تقريب جي سڀ کان خاص ڊش ثابت ٿي سگھي ٿي.
هي به پڙهي سگھو ٿا: شملا چڪن
ٽن ماڻهن لاءِ
گھربل شيون:
بيف جو قيمو : اڌ ڪلو
ادرڪ جو پيسٽ: چانهه جو هڪ چمچو
ٿوم جو پيسٽ: چانهه جو هڪ چمچو
پپيتي جو پيسٽ: هڪ ڪوپ
ڳاڙها مرچ پيٺل: چانهه هو هڪ چمچو
ساوا مرچ ڪاٽيل: ٻه کان 3 عدد
زيرو پيٺل: چانهه جو هڪ چمچو
لوڻ: ذائقي موجب
ڌاڻن جو پائوڊر: چانهه جو هڪ چمچو
ڏهي: هڪ ڪوپ
بصر ڪاٽيل: هڪ عدد
ڌاڻا: اڌ ويڙهي
تيل: هڪ ڪوپ
ڌاڻا: سجاوٽ لاءِ
ادرڪ: سجاوٽ لاءِ
ترڪيب:
1سڀ کان اڳ هڪ وڏي پيالي ۾ قيمو وجهو ان ۾ ادرڪ ۽ پپيتي جو پيسٽ گڏايو ۽ ان کي هڪ ڪلاڪ تائين ميرينيٽ ٿيڻ لاءِ رکي ڇڏيو.
2 هاڻ ميرينيٽ ڪيل قيمي کي بلينڊر ۾ وجهي ان ۾ ڳاڙها مرچ، ڪاٽيل ساوا مرچ، ڌاڻن جو پائوڊر، زيرا پائوڊر، لوڻ، ڏهي ۽ ڊبل روٽي جي کي ٽڪرن ۾ ٽوڙي وجهو ۽ سٺي طرح بلينڊ ڪيو.
3 ان کان پوءِ ان ۾ ڌاڻا وجهو ۽ ٻيهر بلينڊ ڪيو.
4 هاڻ هڪ ٿانو ۾ تيل گرم ڪيو ۽ بلينڊ ڪيل قيمي کي ان ۾ وجهي فراءِ ڪيو. ڏهن منٽن تائين سٺي طرح فراءِ ڪرڻ کان پوءِ ان تي ڌڪڻ ڏئي وڌيڪ 10 کان 15 منٽن تائين دم تي رکي ڇڏيو.
5 ان کان پوءِ ساوا ڌاڻا، ساوا مرچ ۽ ادرڪ سان ان کي سجايو.
هي به پڙهي سگھو ٿا: پالڪ دال
اوهان جو مزيدار ريشمي ڪباب تيار آهي.
Persian Kabab Koobideh FOR LIFE. Iran’s signature lamb kebab of minced lamb and onion had to be part of my sunny lunch feast with friends today and boy, it was BANGING 💕 #Persian #kabab #kebab #lamb #meat #grill #BBQ #FIRE https://t.co/NmV7xbiTSj pic.twitter.com/7CvyDNJ2yw
— Sabrina Ghayour (@SabrinaGhayour) August 1, 2019