هاڻ مسافر پاڻ جهاز لينڊ ڪرائي سگھندا..!

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) جيڪڏهن اوهان جي جهاز ۾ پائليٽ ناهي ته پريشان نه ٿيو، ڇو جو هاڻ مسافر پاڻ جهاز کي پائليٽ کان سواءِ به لينڊ ڪرائي سگھندو.

تفصيلن موجب عالمي ميڊيا رپورٽن موجب هڪ جي پي ايس سروس فراهم ڪندڙ ڪمپني اهڙي ٽيڪنالوجي تيار ڪئي آهي جيڪا ايمرجنسي جي صورت ۾ جهاز کي حفاظت سان لينڊ ڪرائي سگھي ٿي.

لينڊ

“آٽو لينڊ” نالي اهو سافٽ ويئر آمريڪي ٽيڪنالوجي ڪمپني “گرمن” طرفان ننڍن جهازن ۾ فلائيٽ ٽولز جي حصي طور موجود هوندو.

هي به پڙهي سگھو ٿا: ٽوئيٽر جو سياسي اشتهارن تي پابندي جو اعلان

اهو سافٽ ويئر پائليٽ جي سرگرمين تي نظر رکندو جيڪڏهن پائليٽ طرفان نيويگيشن نظام تي ڪو به رد نه ملي ته آٽوميٽڪ نظام تحت ويجهي هوائي اڏي کي سگنل موڪلي اندازو لڳائيندو ته ايمرجنسي لينڊنگ لاءِ ڪهڙي جاءِ محفوظ آهي.

لينڊ

محفوظ هنڌ ڳولڻ کان پوءِ اهو سافٽ ويئر جهاز کي پنهنجي طور تي ان هنڌ طرف کڻي ويندو ۽ حفاظت سان لينڊنگ کي يقيني بڻائيندو.

هي به پڙهي سگھو ٿا: اليڪٽرڪ ڪار  کي رڳو 10 منٽن ۾ چارج ڪندڙ بيٽري

آٽولينڊ کي مسافر پنهنجي طور تي فعال ڪري سگھن ٿا ان ڪري جهاز جي مين ڪيبن ۾ پائليٽ جي سيٽ جي بلڪل سامهون هڪ ٽچ پينل لڳايو ويندو.

لينڊ

هاڻوڪي عرصي دوران ننڍن جهازن جي ڪريش ٿيڻ جا ڪيترائي واقعا سامهون آيا آهن جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

ماهرن موجب گھڻا حادثا ٽيڪ آف ۽ لينڊنگ دوران پيش آيا جن ۾ لينڊگ دوران ٿيل واقعن جو انگ وڌيڪ آهي.

 

 

Leave A Reply

Your email address will not be published.