جواني ۾ اڇن وارن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جو سولو طريقو..!!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وار قدرت جو هڪ اهڙو حسين تحفو آهن جن جو ڪو به متبادل نه آهي، پر جڏهن اهي وار اڇا ٿيڻ شروع ٿي ويندا آهن ته گھڻي پريشاني جو سبب بڻبا آهن پر هاڻ پريشاني جي ڪا به ڳالهه نه آهي هيٺ ڏنل قدرتي نسخو اپنايو.

وارن جو اڇو ٿيڻ ڪراڙپ جي نشاني آهي پر اڄ ڪالهه ننڍي عمر ۾ به وار اڇا ٿي رهيا آهن ان جو سڀ کان وڏو سبب اڄ جي نوجوان جو لائيف اسٽائيل آهي، موبائل ۽ ڪمپيوٽر جو گھڻو استعمال، ذهني پريشاني، کاڌي ۾ بي احتياطي اهي سموريون عادتون وارن جي قدرتي ڪاري رنگ کي اڇو ڪرڻ جو سبب بڻجن ٿيون.

هي به پڙهي سگهو ٿا: چانورن جو فيس ماسڪ جلد لاءِ بهترين…!

ان کان سواءِ ننڍي عمر ۾ وارن جو اڇو ٿيڻ جو هڪ وڏو سبب ٻارن ۾ وٽامن بي 12 ۽ زنگ جي گھٽائي آهي جنهن ڪري وار تيزي سان اڇا ٿي رهيا آهن.

اچيو ته اوهان کي وار ڪارا ڪرڻ جو قدرتي ۽ سولو طريقو ٻڌايون جنهن جو ڪو به سائيڊ افيڪٽ ناهي.

اڇا وار ڪارا ڪرڻ جو سولو نسخو

اڇن وارن لاءِ سڀ کان بهترين شيءِ وٽامن بي 12 ۽ زنڪ آهن، ان کان سواءِ سرنهن جو تيل، انجيڪشن بي 1، بي 6، نيروبيان، زيري ۽ ديسي ٿوم جو پاڻي.

تيل تيار ڪرڻ جي ترڪيب

هي به پڙهي سگھو ٿا: جلد جي حفاظت ڪرڻ جا بهترين ٽوٽڪا..!

ديسي ٿوم جو پاڻي 1 وڏو چمچو، زيري جو هڪ چمچو، زنڪ سيرپ جا ٽئي چمچا، انجيڪشن بي 1، بي 6، نيروبين، اڌ چمچو سرنهن جو تيل ۽ 1 وٽامن اي جي ڪيپسول کي گڏائي تيل ٺاهيو ۽ پوءِ ان کي سموري رات وارن ۾ لڳائي صبح جو شيمپو سان ڌوئو.

جسم جي جنهن به حصي تي اڇا وار هجن اتي هٿ سان ان تيل کي لڳايو يا وار جي پاڙن تي اسپري ڪيو اوهان ڏسندئو ته 30 کان 90 ڏينهن اندر اڇا وار ڪري پوندا ۽ جن وارن تي اڇاڻ اچڻ شروع ٿي آهي اهي واپس ڪارا ٿي ويندا.

ماهرن موجب ٻارن ۾ زنڪ سان گڏوگڏ وٽامن بي 12 جي گھٽي کوٽ هوندي آهي تنهنڪري ٻارن جي جسم ۾ وٽامن بي 12 کي پورو ڪرڻ گھڻو ضروري آهي جنهن ڪري والدين کي گھرجي ته ٻارن کي ڳاڙها ميوا گھڻي کان گھڻا کارائن جنهن ۾ وٽامن بي 12 گھڻي مقدار ۾ هجي.

جيڪڏهن ٻار ميوو ناهن کائي رهيا ته کين سيرپ يا ٽيبليٽ (ٽڪي) جي صورت ۾ وٽامن بي 12 کارايو ڇو جو ان جي کوٽ ٻارن جي وارن ۾ اڇاڻ جو سبب بڻبو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.