وزير اعظم عمران خان ملڪ مان ڀڄي ويندو….!

 

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ نيئر بخاري چيو آهي ته وزير اعظم عمران خان ملڪ مان ڀڄي ويندو.

پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان مولانا فضل الرحمان جي آزادي مارچ ۾ شرڪت واري اعلان کان پوءِ پارٽي جي سينيئر اڳواڻ نيئر بخاري ۽ فرحت الله بابر سميت ٻين ميمبرن آزادي مارچ ۾ شرڪت ڪئي ۽ حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻايو.

آزادي مارچ کي خطاب ڪندي پ پ اڳواڻ نيئر بخاري چيو ته باور ڪرائڻ چاهيون ٿا ته اسان ضيا الحق ۽ پرويز مشرف جو به مقابلو ڪيو ۽ هاڻ گڏيل مخالف ڌر جي ذريعي موجوده حڪومت جو مقابلو ڪري رهيا آهيون.

هن حڪومت تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو ته توهان ۽ توهان جي ڪابينا ماهوار اجرت واري آهي جيڪي مالڪن جوابده آهن، شوڪت عزيز به مالڪن جي چوڻ تي حڪمراني ڪئي ۽ ملڪ ڇڏي هليو ويو، هن ڪو به مفاد هن ملڪ ۾ نه هو ۽ عمران خان به ملڪ  مان ڀڄي ويندو.

گڏوگڏ ئي نيئر بخاري چيو ته 1973ع جو آئين سياسي پارٽين ڏنو، اڄ پارليامينٽ جي حيثيت ڪِري چڪي آهي، آرڊيننس فيڪٽري، مان 10 آرڊيننس جاري ڪيا ويا آهن.

پيپلز پارٽي جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته  اسان هن ملڪ ۾ جمهوري پارليماني  نظام چاهيون ٿا ۽ هن ملڪ جو عوام عمران خان جو احتساب ڪندو.

ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي سندس چوڻ هو ته  وزير اعظم هائوس ۾ يونيورسٽي بڻايو يا نه، بني گالا کي يونيورسٽي ضرور بڻائينداسين، گڏوگڏ ئي هن چيو ته جيڪڏهن حڪومت ڊنل ناهي ته ٽي وي تي آزادي مارچ جي ڪوريج تي ڇو پابندي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.