ٽوئيٽر جو سياسي اشتهارن تي پابندي جو اعلان

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر پنهنجي سروس ۾ سياسي اشتهارن تي پابندي لڳائڻ جو اعلان ڪندي ان کي چونڊن بابت غلط ڄاڻ جي پکيڙ جي روڪٿام لاءِ اهم قدم قرار ڏنو آهي.

ٽوئيٽر جي سي اي او جيڪ ڊورسي مختلف ٽوئيٽس ۾ اهو اعلان ڪيو.

هن هڪ ٽوئيٽ ۾ لکيو ته “اسان سموري دنيا ۾ ٽوئيٽر جي اشتهارن تي پابندي جو فيصلو ڪيو آهي.


هن لکيو ته “جيتوڻيڪ انٽرنيٽ گھڻي طاقتور ۽ اثرائتي ثابت ٿيندي آهي، پر اها طاقت سياست جي حوالي سان ڪجهه خطرن جو سبب بڻجي ٿي، ڇو ان کي ووٽن تي اثرانداز ٿيڻ لاءِ استعمال ڪري لکين زندگين کي متاثر ڪري سگھجي ٿو.


سندس چوڻ هو ته ڪمپني اهو سمجهي ٿي ته سوشل ميڊيا تي اشتهار ٻين ميڊيئمز جي ڀيٽ ۾ غير منصفاڻي حد تائين وڌيڪ پهچ حاصل ڪندا آهن ۽ اهو اظهار جي آزاد جو اظهار نه آهي.

ٽوئيٽر طرفان ان اعلان کان پوءِ فيس بڪ تي به اهڙي قدم جو دٻاءُ وڌي ويو  آهي پر گذريل ڏينهن فيسبڪ جي باني مارڪ زڪربرگ ٽئي ماهي انگ اکر جاري ڪندي چيو ته هن جي ڪمپني اهو يقين رکي ٿي ته سياسي تقريب گھڻي اهم آهي.

هن چيو ته اسان به سياسي اشتهارن تي پابندي بابت غور ڪري رهيا آهيون پر اسان هن وقت تائين ان جي اثرن بابت يقين سان ڪجهه به نٿا چئي سگھون.

هي به پڙهي سگهو ٿا: واٽس ايپ طرفان اسرائيلي ڪمپني خلاف هيڪنگ جو ڪيس داخل

مارڪ زڪربرگ چيو ته هڪ پيچيدهه معاملو آهي، ڪو به جيڪڏهن اهو چئي ته جواب سادو آهي، آئون ان جي چينلز بابر ناهيان سوچي رهيو، منهنجو  ناهي خيال ته ڪو به اهو چئي سگھي ٿو ته اسان ان حوالي سان ڪجهه ناهيون ڪري رهيا.

واضح رهي ته 2016ع ۾ آمريڪي چونڊن ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جي حيران ڪندڙ ڪاميابي کان پوءِ فيسبڪ ۽ ٽوئيٽر تي الزام لڳايو ويو ته سوشل پليٽ فارم اليڪشن نتيجن تي اثراداز ٿيا، جنهن جي ذريعي ڊونلڊ ٽرمپ ڪامياب ٿيو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.