پشاور هاءِ ڪورٽ جو جي يو آءِ جي (ف) جي اهم اڳواڻ جي آزادي جو حڪم…..!

ف

پشاور(ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي مرڪزي اڳواڻ مفتي ڪفايت الله جي ضمانت منظور ڪرڻ کان پوءِ آزادي جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

واضح رهي ته مفتي ڪفايت الله کي آچر تي اسلام آباد پوليس مخالف ڌر جي حڪومت مخالف آزادي مارچ ۾ شرڪت جي لاءِ ماڻهن کي ورغلائڻ ۽ ان احتجاج جي لاءِ چندو جمع ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو هو.

هن جي گرفتاري کان پوءِ پشاور هاءِ ڪورٽ مان هن جي ضمانت تي آزادي جي لاءِ رابطو ڪيو ويو هو، جنهن تي اڄ عدالت ٻڌڻي ڪئي.

هي به پڙهي سگهو ٿا:جي يو آءِ (ف) اڳواڻ مفتي ڪفايت الله اسلام آباد مان گرفتار

ايبٽ آباد ۾ عدالت  جي ٻه رڪني بينچ ۾ شامل جسٽس اعجاز انور ۽ جسٽس شڪيل احمد مفتي ڪفايت الله جي ضمانت تي آزادي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي ۽  هن جي آزادي جو حڪم جاري ڪيو.

مفتي ڪفايت الله جي آزادي جا حڪم هري پور سينٽرل جيل انتظاميا کي ملڻ کان پوءِ هن کي آزاد ڪيو ويندو ۽ آزادي کان پوءِ هو اسلام آباد ڏانهن ٿيندڙ جي يو آءِ (ف) جي آزادي مارچ ۾ شريڪ ٿيندو.

واضح رهي ته جي يو آءِ (ف) جي اڳواڻ جي گرفتاري اهڙي وقت ۾ ٿي هئي جڏهن ڪجهه ڏينهن اڳ حڪومت ۽ جي يو آءِ (ف) جي  وچ ۾ آزادي مارچ بابت معاهدو ٿيو هو.

ياد رهي ته جنهن ڏينهن مفتي ڪفايت الله کي گرفتار ڪيو ويو هو ان ڏينهن ميڊيا کي ڊپٽي ڪمشنر مانسهره جي آفيس مان جاري نوٽيفڪيشن جي ڪاپي ملي هئي، جنهن ۾ چيو ويو هو ته ضلعي پوليس آفيسر طرفان اطلاع ڏنو ويو هو ته جي يو آءِ (ف) جي ضلعي امير مفتي ڪفايت الله عوامي شين ۽ امن امان جي لاءِ خطرو آهي.

ڄاڻايل نوٽيفڪيشن ۾ هدايت ڪئي هئي ته ضلعي ۾ وڌندڙ مذهبي منافرت جي ڪري ڊي پي او مانسهره طرفان مفتي ڪفايت الله جي گرفتاري عمل ۾ آندي وڃي.

هي به پڙهي سگهو ٿا:جي يو آءِ ڪارڪنن جي گرفتارين جو سلسلو شروع…!

بعد ۾ گرفتاري بابت جي يو آءِ (ف) جي اڳواڻ عبدالمجيد هزاروي تصديق ڪندي ٻڌايو هو ته مفتي ڪفايت الله کي مينٽيننس آف پبلڪ آرڊر (ايم پي او) جي تحت گرفتار  ڪري هري پور جيل منتقل ڪيو هو.

واضح رهي ته ڄاڻايل نوٽيفڪيشن موجب ڊي پي او ڪيپٽن (ر) اورنگزيب حيدر خان پبلڪ آرڊر آرڊيننس 1960ع جي تحت ڪفايت الله جي گرفتاري جي اجازت ڏني هئي.

مارچ وارن معاهدو ٽوڙيو ته…؟ حڪومتي ٽيم خبردار ڪري ڇڏيو

مارچ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آزادي مارچ وارن سان ڳالهين لاءِ قائم حڪومتي ڪميٽي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن مارچ وارن معاهدو ٽوڙيو ته نتيجن جي ذميواري اسان تي نه هوندي.

آزادي مارچ جي حوالي سان قائم ڪيل حڪومتي ڪميٽي جي سربراهه بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ سميت ٻين اڳواڻن صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي.

بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ چيو ته اسان جلسي جي اجازت ڏئي رسڪ کنيو آهي پر جيڪڏهن معاهدو ٽوڙيو ويو ته نتيجن جي ذميواري اسان تي نه هوندي، جلسي جي هنڌ جي چونڊ به جي يو آءِ پاڻ ڪئي، ايڇ نائين هنن جي ريڊ لائين آهن.

هي به پڙهي سگهو ٿا: اسان ته پهچي وياسين…! اي اين پي سربراهه جي ڪارڪنن سوڌو اسلام آباد آمد

هن چيو ته پشاور ۽ سوات ۾ بسون روڪيون پيون وڃن ته اهو اسان جي مرضيءَ سان نه پيو ٿئي، ڪي پي ڪي جي ڪجهه علائقن ۾ انتظاميا پاڻ ڪارروايون ڪري رهي آهي، جڏهن ته اميد آهي ته رهبر ڪميٽي واعدو نه ٽوڙيندي.

وفاقي وزير شفقت محمود چيو ته اسان پريڊ گرائونڊ تجويز ڪيو هو پر هنن پشاور موڙ تي راضپو ظاهر ڪيو، ڊي چوڪ ۾ ڪنهن کي به اچڻ نه ڏينداسين، رهبر ڪميٽي طرفان معاهدو ٽوڙيو ويو ته عدالتي حڪم جي ڀڃڪڙي ٿيندي.

قومي اسيمبلي اسپيڪر اسد قيصر صحافين کي ٻڌايو ته ته رهبر ڪميٽي جي بقول اهي واعدا پورا ڪندا، اسان کي اميد آهي ته معاملا نه بگڙجندا.

صحافين سان ڳالهائيندي حڪومتي ڪميٽي ۾ شامل اسد عمر چيو ته جي يو آءِ وارا جيتري تائين چاهين اسلام آباد ۾ رهي سگهن ٿا پر ڪير قانون هٿ ۾ نه کڻي، اسان اسلام آباد انتظاميا کي مڪمل طور اختيار ڏئي ڇڏيو آهي، اسان اها شق وڌي آهي ته ملڪ ۾ ڪٿي به ڀڃڪڙي ٿي ته معاهدو ختم ٿي ويندو.

آزادي مارچ: ڪو ڪنٽينر پڪڙيو ويو ته ان جو معاوضو انتظاميا ڏيندي: عدالت

معاوضو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آزادي مارچ کي نظر ۾ رکندي ڪنٽينر پڪڙڻ خلاف داخل درخواست اُڪلائيندي چيو آهي ته لوڊڊ ڪنٽينر پڪڙڻ آرٽيڪل 18 جي واضح ڀڃڪڙي آهي ۽ جيڪڏهن ڪنٽينر پڪڙيا ويا ته انتظاميا انهن جو معاوضو ڏيندي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ آزادي مارچ کي نظر ۾ رکندي ڪنٽينر پڪڙڻ خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي ٿي، چيف جسٽس اطهر من الله درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

هي به پڙهي سگهو ٿا: اسلام آباد ۾ جلسو ٿيندو يا مارچ…؟ فضل الرحمان ۽ ن ليگ جي موقف ۾ تضاد

چيف جسٽس ڊپٽي ڪمشنر (ڊي سي) اسلام آباد کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان نجي لوڊڊ ڪنٽينر پڪڙيا آهن؟

ڊي سي عدالت کي ٻڌايو ته اسان ڪو ڪنٽينر ناهي پڪڙيو، جڏهن ته لاهور جي هڪ ڪمپني کان ڪنٽينر فراهمي جي قانون موجب هڪ معاهدو ٿيو آهي.

چيف جسٽس اطهر من الله حڪم ڏنو ته ڪو به لوڊڊ ڪنٽينر نه پڪڙيو وڃي.

درخواست گذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته اسان جا ڪنٽينر پڪڙيا ويا، پوءِ ايس ايس پي کي سفارشون ڪرائي ڪنٽينر ڇڏايا ويا.

هي به پڙهي سگهو ٿا: عدالت آزادي مارچ وارن کي ڍَرَ ڏئي ڇڏي…!

چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته سفارش ڪرائي؟ جنهن تي وڪيل چيو ته پوءِ ڇا ڪيون، سفارش کانسواءِ گذارو ناهي.

ڊپٽي ڪمشنر عدالت کي ٻڌايو ته وفاقي حڪومت جي هدايت آهي ته ڪنهن به صورت ۾ قانون جي ڀڃڪڙي نه ڪئي وڃي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو ته لوڊڊ ڪنٽينر پڪڙڻ آرٽيڪل 18 جي واضح ڀڃڪڙي آهي ۽ جيڪڏهن ڪو ڪنٽينر پڪڙيو ويو آهي ته انتظاميا ان جو معاوضو ڏيندي، ان سان گڏوگڏ عدالت درخواست اُڪلائي ڇڏي.

اسان ته پهچي وياسين…! اي اين پي سربراهه جي ڪارڪنن سوڌو اسلام آباد آمد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عوامي نيشنل پارٽي (اي اين پي) اسد يار ولي جي اڳواڻي ۾ آزادي مارچ ۾ شرڪت لاءِ اسلام آباد جي اين 9 گرائونڊ تي  پهچي وئي.

ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي اسفند يار ولي چيو ته اڄ 31 آڪٽوبر جلسي جي تاريخ هئي، جنهن جو فيصلو رهبر ڪميٽي ڪيو هو، ڪير پهچي يا نه اي اين پي ته پهچي وئي.

هن چيو ته اپوزيشن ۾ ڪو اختلاف ناهي، جلسي جو فيصلو رهبر ڪميٽي جو آهي، رهبر ڪميٽي اسان کي ناهي ٻڌايو ته اڄ جلسو ناهي، اسان کي اڄ جو چيو ويو هو ۽ اسان پنهنجي ڪارڪنن سان گڏ پهچي ويا آهيون، اڄ ئي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائينداسين.

اسفند يار ولي ريل حادثي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته جڏهن به هڪ شخص ريلوي جو وزير بڻجندو آهي ته ريل ٽريڪ تي ناهي هلندي.

اسلام آباد ۾ جلسو ٿيندو يا مارچ…؟ فضل الرحمان ۽ ن ليگ جي موقف ۾ تضاد

اسلام آباد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي آزادي مارچ جي سلسلي ۾ ٿيندڙ جلسي بابت اپوزيشن ۾ اختلاف نظر اچڻ لڳا آهن، ڇو ته هڪ پاسي ن ليگ چئي ٽرين حادثي سبب جلسو متلوي ڪيو ويو آهي ته ٻئي پاسي وري جي يو آءِ (ف) جو چوڻ آهي ته ٽيڪنيڪي طور جلسي جي باضابطا طور شروعات سڀاڻي کان ئي ٿيندي پر مولانا فضل الرحمان چئي ٿو ته اهو مارچ آهي ۽ اسلام آباد ۾ به اهو مارچ ئي رهندو.

اسلام آباد روانگي کان اڳ گوجر خان ۾ مارچ کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته هي حڪمران ناجائز آهن، قوم تي جبري طور مڙهيا ويا ۽ اسان جبر جي حڪومت کي تسليم ڪيو آهي نه ڪنداسين.

هن چيو ته اسان کي منظم انداز ۾ گڏ ٿي اڳتي وڌڻو آهي، اهو مونجهارو پيدا ڪيو پيو وڃي ته اهو جلسو آهي يا نه پر هي آزادي مارچ آهي، اسلام آباد ۾ اهو مارچ ئي رهندو، ان مارچ ۾ جسلو به آهي ۽ ڌرڻو به آهي.

هي به پڙهي سگهو ٿا: مولانا فضل الرحمان ڀارت جي نشاني تي…!

مولانا فضل الرحمان ريل حادثي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته معاملي جي جاچ ٿيڻ گهرجي ته اهو حادثو آهي يا دهشتگردي.

ان کان اڳ ن ليگ جي سيڪريٽري جنرل احسن اقبال هڪ بيان ۾ آزادي مارچ جي سلسلي ۾ 31 آڪٽوبر تي ٿيندڙ جلسو ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو.

سندس چوڻ هو ته حڪومتي پاليسين خلاف اهو جلسو سڀاڻي جمعي تي ٿيندو، تنهن ڪري ڪارڪن اسلام آباد ۾ ئي رهن ۽ سڀاڻي جلسي ۾ ڀرپور شرڪت ڪن.

هي به پڙهي سگهو ٿا: عوام جي راءِ جو احترام نه ڪيو ويو ته…؟ مولانا جي حڪومت کي وارننگ

هن چيو ته افسوسناڪ حادثي جي قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي جلسو ملتوي ڪيو ويو آهي.

هوڏانهن جي يو آءِ (ف) جي سيڪريٽري جنرل عبدالغفور حيدري جو چوڻ هو ته مارچ ٿي سگهي ٿو رات دير سان پهچي ته جلسي جي باضابطا طور شروعات سڀاڻي صبح کان ئي ٿيندي.

هن چيو ته اسان رات جو قافلن کي ڀليڪار چونداسين، قافلا پهچي رهيا آهن پر ڪجهه ميڊيا جي دوستن طرفان غلط فهميون پکيڙيون پيون وڃن.

ن ليگ اڳواڻن طرفان ڪيل اعلان بابت سوال تي جواب ڏيندي عبدالغفور حيدري چيو ته اڄ 31 آڪٽوبر آهي پر اسان جا قافلا ناهن پهتا، تنهن ڪري اڄوڪو ڏينهن ته گذري ويندو، جيڪڏهن ڪنهن اهڙي ڳالهه ڪئي آ ته ان کي به اهميت ڏيڻ گهرجي ته اڄ جلسو نه ٿيندو.

 

فردوس عاشق اعواڻ ۽ گهرو وزير اعجاز شاهه جي گڏيل پريس ڪانفرنس

اعواڻ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم جي سڌُ سماءَ ۽ نشريات بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ آهي ته مارچ ۾ شريڪ ملڪي سلامتي، ان جي سڃاڻپ ۽ وقار کي مجروح نه ڪن.

اسلام آباد ۾ گهرو وزير اعجاز سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته حڪومت احتجاج ڪندڙ سياسي ساٿين ۽ مولانا فضل الرحمان جي مارچ کي پيغام ڏيڻ چاهي ٿي ته هي 7 هزار ماڻهو آهن، جيڪي دنيا سان پاڪستان کي سلهاڙيل رهيا آهن.

هن چيو ته گڏيل قومن 2008 ۾ ميريٽ هوٽل ۾ بم ڌماڪي کان پوءِ اسلام آباد کي نان فيملي اسٽيشن قرار ڏنو هو 2008 کان پوءِ مسلسل جدوجهد کان پوءِ موجوده حڪومت ان فيصلي کي تبديل ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي.

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته هو سمنڊ پار پاڪستاني جيڪي ٻاهر ويهي ملڪ جي لاءِ ويڙهه پيا وڙهن انهن جي رستي ۾ رنڊڪون پيدا ٿي وينديون آهن.

هي به پڙهي سگهو ٿا:تحريڪ انصاف بيماريءَ تي سياست نه ڪندي: اعجاز شاهه

سڌُ سماءَ ۽ نشريات بابت خاص مددگار چيو ته مون کي اميد آهي ته مولانا فضل الرحمان جو جيڪو سياسي ايڊونچر هلي رهيو آهي، اُهو پرامن طريقي سان اڳتي وڌائينداسين جنهن جو حق حڪومت قبول ڪندي هن کي اجازت ڏني ۽ جيڪي واعدا ڪيا ويا آهن انهن کي پورو ڪنداسين ۽ ملڪ  جي استحڪام کي برقرار رکڻ ۾ اسان جي مدد ڪندا.

هن چيو ته مولانا فضل الرحمان جي حڪومت سان شڪايت، سياسي نظريو آهي جنهن ۾ ڪو ساهه ناهي، هن جون سموريون دعوائون ۽ مقصد بي بنياد آهن ۽ جذبن سان جڙيل آهن حقيقيت سان هنن جي ڪا به ڏيتي ليتي ناهي.

سڌُ سماءَ بابت خاص مددگار چيو ته آزادي مارچ ۾ شريڪ پاڪستان سان هنن جو جيڪو رشتو آهي ان کي ڪمزور نه ڪن ۽ ڪو به اهڙو ڪم نه ڪن جنهن سان پاڪستان جي قومي سلامتي، ان جي سڃاڻپ ۽ دنيا ۾ پاڪستان جو وقار مجروح نه ٿئي.

بعد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي گهرو وزير اعجاز شاهه چيو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وزير اعظم احتجاج ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي ۽ انهن سان ڳالهين جي لاءِ ڪميٽي به جوڙي وئي.

هن چيو ته حڪومت مولانا فضل الرحمان کي چيو هو ته  هو جتان کان به مارچ جو آغاز ڪري اسان ان مارچ ۾ سهولت ڏينداسين هنن کي روڪنداسين  نه.

هي به پڙهي سگهو ٿا:فردوس عاشق اعواڻ کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري…..!

گهرو وزارت چيو ته 27 آڪٽوبر تي ڪراچي کان مارچ جو آغاز ٿيو هو ۽ اڄ آڪٽوبر تي مارچ گوجر خان پهچي چڪو آهي.

هن چيو ته ان 4 ڏينهن واري مارچ ۾ مختلف صوبن مان هلندي 20 کان 25 ڄڻا شامل ٿي چڪا آهن جنهن ۾ حڪومت هنن کي سهولتون فراهم ڪيون آهن، هنن کي پاڻي ڏنو، جتي هو بيٺا اُتي بجلي فراهم ڪئي ۽ ٽريفڪ پلان ڏنو جيئن  هو ڪنهن اڻ وڻندڙ واقعي جو شڪار ٿيڻ کان سواءِ پهچن.

اعجاز شاهه چيو ته مولانا فضل الرحمان جو ڪنٽينر ڏاڍو مهانگو آهي ان ڪري اسان هن کي ماڻهن جي روٽ کان الڳ رکيو آحي جيئن هو آرام سان پنهنجي اسٽيج تائين پهچي وڃي، اسان مارچ کي مڪمل سيڪيورٽي ڏينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.