شملا چڪن

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ساون شملا مرچن ۽ چڪن کي مڪس ڪري لذيذ کاڌو تيارڪيو ويندو آهي جنهن کي شملا چڪن چوندا آهن. اها هڪ توانائي سان ڀرپور  ڊش آهي. پالڪ جو پنهنجو جوسي مزو ان جي لذت کي برقرار رکندو آهي. ان ڊش کي چانورن ۽ نان ٻنهي سان پيش ڪيو ويندو آهي.

هي به پڙهي سگھو ٿا: ڪريلن جو قيمو…!

شيون:

مرغي گوشت هڏي کان سواءِ ننڍيون ٻوٽيون : هڪ ڪلو گرام

کاڄرو تيل: 2 کان 3 کائڻ جا چمچا

ادرڪ جو پيسٽ: چانهه جو هڪ چمچو

ٿوم جو پيسٽ : چانهه جو هڪ چمچو

ثابت ڌاڻا : چانهه جو اڌ چمچو

ثابت زيرو: چانهه هو اڌ چمچو

لوڻ: ذائقي موجب

گرم مصالحو: چانهه جو هڪ چمچو

پيٺل ڪارا مرچ: چانهه هو هڪ چمچو

ڪاٽيل ساوا مرچ: ٻه عدد

ٽماٽن جو پيسٽ: کائڻ جا ٻه چمچا

شملا مرچ ڪاٽيل: سجائڻ لاءِ

ساوا ڌاڻا ڪاٽيل: سجائڻ لاءِ

ترڪيب:

1 ٿانو ۾ تيل وجهي وچولي باهه تي گرم ڪيو. هاڻ ان ۾ هڏي کان سواءِ مرغي گوشت جون ٻوٽيون وجهي ان کي وقت تائين پچايو جيستائين ان جو رنگ نه مٽجي.

2 ان کان پوءِ ان ۾ ٿوم ۽ ادرڪ جو پيسٽ شامل ڪيو ۽ سٺي طريقي مڪس ڪيو.

3 هاڻ ان ۾ ڪاٽيل ٽماٽا وجهي ان کي سٺي نموني ڀڃڻ کان پوءِ ڍڪ ڏئي 3 منٽن تائين دم تي رکو ته جيئن ٽماٽو سٺي طرح ڳري وڃي.

هي به پڙهي سگھو ٿا: پالڪ دال

4 هاڻ ان ۾ ثابت ڌاڻا، زيرو، لوڻ، گرم مصالحو، پيٺل ڪارا مرچ، ڪٽيل ساوا مرچ ۽ ٽماٽن موج پيسٽ وجهي سٺي نموني مڪس ڪيو.

5 ان کان پوءِ ان تي ادرڪ ۽ ڪاٽيل ساوا ڌاڻا ڇٽيو.

اوهان جو گرما گرم مزيدار شملا چڪن تيار آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.