خودڪشي سماج کي سزا ڏيڻ جو نالو آهي!

صدام ساگر

خودڪشي خوداراديت ۽ منصوبي تحت پاڻ کي مارڻ جو عمل آهي، اهو هڪ گلوبل مسئلو آهي. آپگهات جو سڌو سنئون تعلق انسان جي بيقراري، بيزاري ۽ سماجي اڻ برابريءَ سان سلهاڙيل هجي ٿو. چوڻ وارا اِهو پڻ چوندا آهن ته خودڪشي ڪندڙ مدد لاءِ اپيل ڪندو آهي ڇو ته ان اپيل جي پويان زندگيءَ بچائڻ يعنيٰ سندس وجود جو سوال پُڻ هوندو آهي پر معاشي، سماجي، انصاف ۽ سماجي مزاج ماڻهوءَ کان زندگيءَ جي جيئڻ تان ئي ارواهه کٽو ڪيو ڇڏين ۽ ٻين ڪيترن ئي سببن جي ڪري مجبور ٿي هڪ زندگي موت جي اُن کوهه ۾ ٽپو ڏئي ٿي جنهن کي اسان  خودڪشي ٿا سمجهون. نفسياتي درد جو مظاهرو ڪندڙ اڳيان ته اِهو عمل معمول لڳندو هوندو پر هو اهو ڪڌو عمل نفسياتي، سماجي، حياتياتي، ثقافتي، اخلاقي، مذهبي ۽ ماحولياتي عنصر ۾ وڏو اثر انداز ٿئي ٿو جنهن جو شايد هِن جديد دور ۾ ڪڏهن خالي تصور به نه ڪري سگهي هجي!

صحت جي عالمي اداري ”ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن“ جي رپورٽ موجب دنيا ۾ روزانو جي بنياد تي هر 40 منٽن ۾ هڪ انسان خودڪشي ڪري ٿو، صحت جي عالمي اداري جي اندازي موجب خودڪشي خودڪار آمدني ملڪن ۾ هڪ عام عوامي صحت جو مسئلو آهي ۽ اهو عمل ان ملڪن سان  سلهاڙِيل آهي جيڪي گهٽ ۽ وچولي آمدني وارا ۽ اڀرندڙ ملڪ آهن. ڊبليو ايڇ او جي رپورٽ موجب 2012ع کان 2019 تائين پاڪستان ۾ 13000 کان مٿي ماڻهو خودڪشي ڪري چُڪا آهن.

ڏٺو وڃي ته خودڪشي جي وڌندر رجحان جا ڪيترائي سبب آهن، جنهن ۾ ڊپريشن/ذهني دٻاءُ (Depression)، مالي ڇڪ ڇڪان  (Financial Crises)، سماجي  ڇڪ ڇڪان (Social Stress) سرفهرست آهن.

اداسي/مايوسي  Depression:

جيتوڻيڪ آپگهات جو وڏو ۽ پهريون سبب اداسي، مايوسي/ ڊپريشن آهي، اها هڪ موڊ جي بيماري آهي جيڪو مايوسي ۽ اداسي جي لحاظ سان منسوب آهي، جتي اهي تمام علامتون انسان جي زندگيءَ کي ڀڃي ڀڃڪڙي ڪن ٿيون ۽ پوءِ ڪڏهن ڪڏهن خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. ڊپريشن ۾ مستقل قسم جي اداسي، مايوسي، نراسيت ۽ نااميدي ٿئي ٿي جنهن ۾ ممڪن کي انسان ناممڪن ئي سمجهڻ شروع ڪري ٿو، هن جي آڏو کليل دروازا به  بند نظر اچڻ لڳندا آهن. صحت جي عالمي اداري موجب دنيا ۾ هر پنجين ماڻهو کي ڊپريشن هوندو آهي. ڊپريشن 19 کان 29 سالن جي وچ جي عمر ۾ موت جي سبب ۾ خودڪشي ٻيو نمبر وڏو سبب آهي. جڏهن ته پاڪستان جي عوام اندر عام طور تي ڏٺو وڃي ته هر چوٿين ماڻهوءَ مان هڪ ماڻهو ان بيماري جي ور چڙهيل آهي پر اهو ٻيو مسئلو آهي ته هتي اسان بيماريءَ کي بيماري تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهيون هوندا جيسيتائين اسان بستري ڀيڙا نه ٿا ٿيون ان ۾ رڳو مريض، گهروارن جو ڏوهه نه پر وڏو ڏوهه اسان جي ٻي ماءُ جي مثل رياست جو ئي آهي!

نفسياتي ماهرن جي تحقيق موجب خودڪشيءَ ڪرڻ واري دماغ ۾ ”مروٽين“ نالي هڪ ڪيميڪل وڌيڪ تعداد ۾ موجود هوندو آهي جنهن سبب هن جو پنهنجو ارادن ۽ خيالن تي ڪنٽرول ناهي هوندو، فالٽ ۽ فارمائيٽ پڻ هارمونز رليز ٿيندا آهن ته هڪAbnormal Change ايندي آهي ۽ خودڪشيءَ ڪرڻ وارو خودڪشيءَ ڪرڻ کان اڳ ڪنهن نه ڪنهن کي ٻڌائيندو ته هو خودڪشي ڪندو، ڊپريشن خاص ڪري مورثي هوندي آهي جنهن کي علم جينيات (Genetics) چيو ويندو آهي. آپگهات ڪرڻ جو رجحان نوجوان ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن ۾ گهڻو هوندو آهي ڇو ته هن عمر ۾ اهو وڌيڪ جذباتي هوندو آهي پر لازمي اهو به ناهي، هر عمر سان تعلق رکندڙ خودڪشي ڪري سگهي ٿو، علم جينيات جو هڪ سگهارو مثال پاڻ وٽ اهو به آهي ته جنهن سماج سان پاڻ تعلق رکون ٿا اهو سماج ڪميونٽي، ذات، هڪ ڌرم ۽ قوم واري ڪهاڻيءَ ۾ گهڻو ڦاٿل آهي اتي يقينن سائنس موجب ته رت جي ردوبدل ٿيڻ تمام گهٽ جهڙوڪ نه هجڻ جي برابر ٿيندي اتي ئي ظاهر آهي ته نسل در نسل بيماريون جنم وٺنديون، جئين پاڻ وٽ ڪينسر ۽ شگر وڏيءَ رفتار سان ٿوري عرصي ۾ وڌي وڻ ٿيون آهن.

مالي ڇڪ ڇڪان   (Financial Stress)

خودڪشي جو ٻيو وڏو مکيه ڪارڻ مفلسي، بيروزگاري ۽ مُعاشي اڻبرابري به آهي. مهانگائي واري دور ۾ ماڻهو پيٽ پالڻ لاءِ پريشان آهن، ڏکن ۽ تڪليفن سان جهيڙيندي پنهنجي اولاد کي وڪرو ڪرڻ لاءِ تيار هوندا آهن ۽ ڪن به ٿا، پنهنجي جسم جا عضوا پڻ وڪرو ڪندا رهيا آهن، دنيا ۾ غربت ڪاڻ جسم فروشي جهجي تعداد ۾ وڌي پئي جنهن جو وڏو مثال اسان وٽ لاهور ۽ ممبئي پُڻ آهن، اڃا عالمي سطح تي ڏسجي ته برطانيا جهڙو ملڪ جتي ڏيڍ لک شاگرد مختلف يونيورسٽين جا شاگرد هوندين خواهشن بدران رڳو تعليمي خرچن جي پورائي خاطر “شوگر ڊيٽنگ” يعني جسم فروشيءَ جي ڪرت ڪن ٿا، جتي اها حالت هجي اُتي، مالديپ، نيپال، برازيل، بنگلاديش، افغانساتان، ڀارت ۽ پاڪستان اندر ڇا صورتحال هوندي جنهن جو اسان سڀئي آسانيءَ سان اندازو لڳائي سگهون ٿا.

اسان مهانگائي واري دور ۾ سڀ ڪجهه ڪندي به حالتن جو مقابلو نه ٿا ڪري سگهون. حالتون، خواهشون ته پري جي ڳالهه آهي پر اهو هتي جي آئين ڏيندڙ ۽ اقوام متحده جي منهن تي اخلاقي چماٽ کان گهٽ ڪونهي ته جتي اربين انسان غربت جي لڪير کان هيٺ جيئندا هجن، گهٽ ۾ گهٽ هڪ ارب معصوم ٻار اسڪول ۾ هجڻ واري عمر ۾ جبري پورهيو ڪندا هجن، ڪروڙين انسان روزانو بُک تي نالي ماتر ننڊ ڪندا هجن ۽ ڪيئي ڏهاڪا ڪروڙ انسانن کي اجهو نه هجي انهن جي زندگيءَ جون محلاتون ۽ خواهشن جو سمورو خواب بس روڊ جون فوٽ پاٿون ئي هجن، جتي روڊ تان لگهندڙ قسمين قسمين جا ماڻهو ڏسي ان مان جياپي جو گس ڳوليندا هجن ۽ اميد جا ڪرڻ انهن جي زنده لاش مثل وجود ۾ آخري پساهن ۾ ساهه کڻندا هجن اُتي پاڻ جهڙيءَ مخلوق لاءِ سچ اهو آهي ته انساني بنيادي حقن جا چارٽر به  ٽشو جي معنيٰ به نه ٿا رکن اتي اسان کي مارڪس، لينن ۽ پائلو فراري جو فڪر ۽ انساني جياپي، حقيقي آزادي ۽ مذهبپڻي طور نظر اچي ٿو. باقي ته ڏٺو وڃي  نتيجي ۾ اسان منجهان انيڪ مجبور ٿي نااميدي کي گلي لڳائيندي پنهنجي انمول زندگيءَ جو ڦٽندڙ گلاب جي مُکڙيءَ جو پنهنجي ئي هٿن سان انت آڻيندا آهن پر سچ اهو آهي ته ان کي اسان لطيف جيان  اک اُلٽي ڌار ٿي ڪري ڏسڻ ۽ سمجهڻ کپي ته هيءَ زندگي به اسان جي زندگيءَ جو انتُ آڻيندڙ هٿ به اسان جا پر ان جي پويان اصل ۽ حقيقي ڏوهاري هٿ ڪهڙا آهن جنهن تي هتي ڪڏهن ڪنهن سچائيءَ ۽ بهادريءَ سان ڳالهايو ئي ناهي نه ئي هتي ڳالهائڻ ضروري سمجهيو ٿو وڃي هتي ٻولي طئي ٿيل آهي اگر عام ماڻهو خودڪشي جنهن کي آئون “سماجي قتل يا سزا” سمجهان ٿو، جڏهن به اهو ڪڌو عمل ٿئي ٿو ته مقامي پوليس فقط هڪ جملو چوندي ته “همراهه خودڪشي ڪئي آهي” ۽ سموريءَ ڪهاڻيءَ مان جان ڇڏائڻ جي ڪندي، جيڪڏهن ڪنهن شاگرد کان هاسٽل ۾ اهو عمل ڪرايو ويو ته ڪڙو سچ اهو آهي ته خودڪشي ڪرڻ سان گڏوگڏ ان يونيورسٽيءَ جي ترجمان جي پريس رليز تيار ٿيل پهچي ويندي ته اهو ان شاگرد جو ذاتي عمل آهي، ڇاڪاڻ ته اهڙيون بنا منطق ۽ قانوني جاچ جي اڳواٽ ترديدون ڇا ٿيون هن سماج کي سمجهائڻ چاهين؟؟ سچ اهو آهي ته جيڪو تعليمي ادارن اندر ٿئي ٿو انهن جو ٿيڻ کان پهريان ئي انتظاميا کي ڀلي ڀت نه فقط خبر پر گڏوگڏ ان وهندڙ رتُ ۾ انهن جا سڌي يا اڻ سڌي ريت هٿ ڀنل هوندا آهن!

سنڌ ۾ خودڪشي جا گهڻا واقعا ٿين پيا، جيئن تازو سنڌ جي اُترين علائقي ۾ نوجوان منير ڪلوڙ فيس بوڪ تي لائيو ٿي زندگيءَ جي ڏيئي کي اُجهائي ڇڏيو پر گذريل وقت تي جهاتي پائي رڳو ٿرپارڪر ضلعي ۾ پيش اچن ٿا، جنهن جو وڏو سبب به بيروزگاريءَ، سهپ جو فقدان، نجا ادارن جا مڪروه ارادا، ڌارين جي لوڌ، انتها پسندي، غيرضروري خواهشون ۽ بدحالي آهي. ميڊيا ۾ شايع ٿيندڙ خبرن موجب سنڌ ۾ هر ٻئي نه ٽئين ڏينهن خودڪشي جا واقعا ٿين ٿا. ڏٺو وڃي ته اهو ڪڌو عمل سماج لاءِ هڪ سزا پڻ آهي پر افسوس! اسان جا سياسي سماجي ادارا اهو محسوس ڪري نه سگهندا آهن!

سماجي  ڇڪ ڇڪان  (Social Stress):

جتي معاشري ۾ رشتا صرف نالي جا هجن، جن جو تعلق يا ته ذات، مذهب يا وري پيسن واري ترازو ۾ تُرندي نظر اچي، جتي رشتن جا نالا ته وڏا پيارا هجن پر اهي اندر ۾ محبت کان بلڪل کوکلا نظر اچن ۽ سهپ ۽ برداشت نه هجي اُتي انساني وجود هجومن ۾ هوندي به پنهنجو پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪندو آهي ۽ اُها اڪيلائي خيالن کي جنم ڏيندي آهي جيڪي ڪڏهن ڪڏهن انتهائي خطرناڪ پڻ ثابت ٿيندا آهن.

مُطالعي ۽ مشاهدي ڪرڻ سان پتو پوندو ته نوجوانن ۽ عورتن ۾ خودڪشي جو لاڙو ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي، جيڪو ڏاڍو ڀيانڪ هجڻ سان گڏ خطرناڪ آهي، نوجوانن جي حوالي سان خودڪشي جي پويان سبب ڄاڻڻ چاهينداسين ته ڪيئي پاسا سامهون ايندا. پيار ۾ ناڪامي، پسند جي شادي نه ٿيڻ، مائٽن جو رويو ٺيڪ نه هئڻ، امتحان ۾ نمبر گهٽ کڻڻ، ٽيسٽ ۾ پاس نه ٿيڻ، پسند جا ڪپڙا، موبائيل يا گاڏي نه خريدڻ  سميت  ٻيا پڻ سبب ٿي سگهن ٿا.

واقعا ۽ سبب

2 ڏينهن اڳ مٺي جي ميگهواڙ پاڙي ۾ 14 سالن جي سونيا ميگهواڙ گهر اندر خودڪشي ڪري پنهنجي زندگيءَ جو انت آندو. ٻئي ڏينهن مٺي جي ڳوٺ لکميار ۾ 22 ورهين جي نوجوان وڪرم ميگهواڙ پڻ ڦاهو کائي حسين زندگيءَ کي الوداع ڪيو.  ٻڌايو پيو وڃي ته سونيا ۽ وڪرم پاڻ ۾ سڳا سئوٽ ۽ ماسات آهن. ڏياري واري ڏينهن تي ڪنري لڳ نينگر ڪپڙا نه وٺي ڏيڻ زهر پي خودڪشي ڪئي ۽ معجزاڻي طور بچي ويو. هن هفتي جي ڳالهه ڪجي ته ڇاڇري ۾ عربي استاد آدم راهمون کوهه ۾ ٽپو ڏئي زندگيءَ جو ڏيئو اُجهايو، پر اُن خودڪشي جو سبب ظاهر ناهي ٿيو، پر اها ڳالهه طئي آهي ته اُن پويان سبب ضرور هوندا. هڪ مهينو اڳ لمس يونيورسٽي جي شاگردياڻي سائره ٿهيم پڻ خودڪشي جي ڪوشش ڪئي، ان حوالي سان شاگردياڻي جو چوڻ آهي ته استادن پاران هراسان ڪيو ويو آهي ۽ پيپر ۾ سپليون هنيون آهن، خودڪشي واقعن جو اهو پڻ هڪ مکيه سبب آهي. ميڊيا ۾ رپورٽ ٿيل ڪجهه عرصو اڳ جو واقعو، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ انٽري ٽيسٽ ۾ پاس نه ٿيڻ سبب نوشهروفيروز جي نوجوان اعتبار ڀنڀري خودڪشي ڪئي هئي، سندس وارثن پڻ هُن جي خودڪشيءَ جو سبب پڻ ٽيسٽ ۾ ناڪامي ئي ڄاڻايو هو. نصرپور ۾ پيش آيل لڱ ڪانڊاريندڙ واقعي جو مثال وٺنداسين، جتي ڪاليج جو شاگرد نريندر قبرستان تي قبضي ۽ وڏيرن جي ظلم خلاف احتجاجن طور آپگهات ڪري حسين زندگيءَ تان هٿ ڌوئي ويٺو، اهو واقعو ڪو غير معمولي ڪو نه هو، ان واقعي سوالن جا انيڪ سلسلا شروع ڪري ڇڏيا هئا جيڪي سوال پنهنجي بدبودار معاشري ۾ شايد! ڪا اهميت نه به رکن پر اهو واقعو حڪمرانن لاءِ اُبتي چماٽ مثل ضرور هو!

اسان جي سماج ۾ عورتن ۽ نوجوان ڇوڪرين ۾ به آپگهات جو لاڙو وڌي رهيو آهي. ان جا سبب سمجهڻ جي ڪوشش ڪنداسين پر خاص سبب گهرو اڻبڻت، گهر جو ماحول سازگار نه هئڻ، ننڊي هوندين بنا مرضِيءَ جي شادي، احساس ڪمتري جو شڪار، ڪارنهن يا بهتان الزام، پيٽ لکي ڏيڻ، چٽي ڏيڻ، بليڪ ميلنگ ۽ جنسي هراسان ٿيڻ آهن، جنهن سبب مجبورن زندگي جي سڀني خوشين ۽ رنگن کي وساري خوبصورت دنيا کي الوداع چوڻ تي تيار ٿيو وڃي ۽ اسان جي معاشري اهو پڻ چيو ويندو آهي عورت، عورت جي دشمن هوندي آهي پر حقيقت اها آهي جو مرداڻي سماج ۾ هونئن به عورتن کي رڳو گهر کان ٻاهر نڪرندي سوين مسئلن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي.

مثال وٺنداسين ڪجهه ڏينهن پيش آيل واقعي جو، شوبز ۽ آرٽ جي دنيا سان لاڳاپيل اداڪاره بسما بلوچ ۽ ماڊل ڪرن ٻنهي جو موت ڳجهارت مثل هو، خودڪشي جو اصل ڪارڻ ته سامهون نه آيو پر سوشل ميڊيا ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيندڙ خبرن موجب ته ٻنهي کي جنسي طور هراسان ڪيو ويو هو، جنهن سبب احتجاجن طور هُنن پنهنجي حسين زندگيءَ جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو. ان سڄي سفر ۾ ڪيتريون ئي ڪهاڻيون لڪيل آهن، اِهي سڀ وقت کي کولڻيون آهن پر وقت کان اڳ اُجهامي ويل اکيون هن فرسوده سماج کان سوال ضرور ڪن ٿيون، جن کي پڙهڻ جي ضرورت آهي.

 امر جليل چواڻي ”خودڪشيءَ رومانس ناهي، خودڪشي معاشري جي بي انصافين، ظلم ۽ ڏاڍاين خلاف اڪيلي ماڻهو جو وڏي ۾ وڏو احتجاج آهي“، بلڪل ائين آهي جو انسان جڏهن به زندگيءَ مان نااميد ۽ مايوس ٿيندو آهي تڏهن ان وٽ ٻيو ڪو رستو ناهي هوندو سواءِ ئي پاڻ کي ختم ڪرڻ ۽ انوکي احتجاج ڪرڻ جي! جڏهن ته مهذب معاشرن منجه سياسي نظام انسان دوست هجن ٿا اسان وٽ سياسي نظام لکت ۾ انسان دوست ۽ عملي طور ۾ انسان جا قاتل آهن.

انگريزي ۾ هڪ چوڻي آهي ته”Suicide doesn’t kill people, sadness kill people“، پنهنجو پاڻ کي ختم ڪرڻ هڪ فرد جي مستقل مسئلن جو حل ته آهي پر ان عمل جا سماج تي تمام گهڻا ناڪاري اثر پون ٿا. جڏهن ته حقيقت ”ونسٽن چرچل“ مطابق هن ريت آهي  ته ”ڪاميابي انت ناهي، ناڪامي قتل ناهي، بس ڳالهه رڳو ان همٿ جي آهي جيڪا انهن کي منهن ڏئي سگهي“. اُن ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي جو اسين پنهنجا سماجي رويا بهتر بڻايون ۽ برداشت جي قوت کي سگهارو ڪيون، ڇو ته مرڻ منٽن جو کيل ۽ جيئڻ سوين صدين جي انساني جدوجهد جو ثمر آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.