انساني دماغ جي حيران ڪندڙ صلاحيت جو انڪشاف..!!

ڇا ڪڏهن اوهان سوچڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته اوهان جو دماغ ڪهڙي طرح ڪم ڪندو آهي؟ حقيقت ۾ پنهنجي دماغ کي سوچ سان خالي ڪرڻ ممڪن ئي ناهي پر پنهنجي دماغ بابت ڄاڻڻ ضررور ممڪن آهي.

حقيقت ۾ اسان جو دماغ ايترو طاقتور آهي جو اهو ڪنهن گيت جي سڃاڻپ ڌن ٻڌي اک ڇنڀ دوران ڪري سگھي ٿو.

اها دعويٰ برطانيا ۾ ٿيل هڪ طبي تحقيق ۾ سامهون آئي.

لنڊن ڪاليج يونيورسٽي جي تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته انساني دماغ ڪنهن ڄاتل سڃاتل گيت کي هڪ سيڪنڊ جي 10 هين حصي اندر سڃاڻي سگھي ٿو ۽ ان مان اشارو ملي ٿو ته پسنديده گيت ياداشت ۾ ڪيتري حد تائين جاءِ ٺاهي وٺن ٿا.

هي به پڙهي سگھو ٿا: ماهرن خود پرستي جو وڏو فائدو ٻڌائي ڇڏيو…!

تحقيقي لاءِ محققن اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته انساني  دماغ ڄاتل سڃاتل موسيقي تي ڪيتري تيزي سان رد عمل ظاهر ڪري ٿو.

ان مقصد لاءِ 5 مردن ۽ 5 عورتن جون خدمتون حاصل ڪيون ويون ۽ کين گيت ٻڌڻ لاءِ ڏنا ويا جيڪي هو پهريان ٻڌي چڪا هئا.

هر رضاڪار کي محققن هڪ گيت چونڊڻ جو چيو ۽ هڪ ڌن سان ميچ ڪرڻ جو چيو جيڪا ملندڙ جلندڙ ته هئي (ميلوڊي، آواز) پر رضاڪارن لاءِ غير مانوس هيون.

محققن اي اي جي اميجنگ جي مدد سان دماغ جي برقي سرگرمي کي رڪارڊ ڪيو ۽ هڪ ٽيڪنيڪ pupillometry  سان ان جو تجزيو ڪيو.

هنن دريافت ڪيو ته انساني دماغ پسنديدهه ڌن کي 100 ملي سيڪنڊ ۾ سڃاڻي وٺي ٿو لڳ ڀڳ اهو وقت سئو کان 300 ملي سيڪنڊن جو وچ هوندو آهي.

هي به پڙهي سگھو ٿا: ملڪ ۾ اڌ رنگ جي متاثر مريضن جو انگ خطرناڪ حد تائين پهچي ويو

پر محققن اعتراف ڪيو ته اها تحقيق محدود آهي ڇو جو ان مان هڪ گيت کي هڪ رضاڪار تي استعمال ڪيو ويو.

ان تحقيق جي نتيجا طبي رسالي سائنٽيفڪ رپورٽس ۾ ڇپيل آهن.

 

Leave A Reply

Your email address will not be published.