اليڪٽرڪ ڪار  کي رڳو 10 منٽن ۾ چارج ڪندڙ بيٽري

پينسلوانيا (ويب ڊيسڪ) برقي گاڏين جي هڪ وڏي مصيبت اها آهي جو انهن جو بيٽريون چارج ٿيڻ ۾ گھڻو وقت لڳائينديون آهن ۽ خالي جلد ٿي وينديون آهن. پر هاڻ بيٽري جي نئين ڊزائين سبب برقي ڪارين جي بيٽرين کي چارج ڪرڻ گھڻو سولو ٿي ويندو ۽ ان ۾ رڳو 10 منٽ لڳندا.

بيٽري جي نئين ڊزائين ٺاهي وئي آهي جيڪا اندروني ايڪشن جي شرح کي وڌائي ٿي پر ان عمل لاءِ بيٽري کي واڌو گرمي ڏني وڃي ٿي. بيٽري جي سست چارجنگ رفتار ئي اليڪٽرڪ ڪارين ۾ دلچسپي نه هئڻ جو سبب بڻجي رهي آهي. جيڪڏهن ڪار جي بيٽري 80 سيڪڙو تائين چارج ٿي وڃي ته لڳ ڀڳ 300 ڪلوميٽر پري تائين وڃي سگھي ٿي.

آمريڪا ۾ پينسلوانيا يونيورسٽي جي سائنسدان چائويانگ وينگ موجب ڪار جي بيٽرين کي ان قابل بڻائڻو پوندو جو اهي فوري طور تي 400 ڪلو واٽ قوت پنهنجي اندر داخل ڪري سگھن ۽ مروجه ڊزائين ان جي اجازت نٿي ڏئي.

هي به پڙهي سگھو ٿا: واٽس ايپ طرفان اسرائيلي ڪمپني خلاف هيڪنگ جو ڪيس داخل

 جڏهن بيٽريون تيزي سان چارج ڪيون وينديون آهن ته ليٿيئم آئن ناڪاري کان هاڪاري (اليڪٽروڊز) تائين پهچندو آهي. پر اهڙي طرح ڪجهه مهينن ۾ ئي بيٽري جي زندگي گھٽ ٿيڻ لڳندي آهي. ان جو سبب اهو آهي ته ليٿيم آئن گڏ ٿي هڪ چادر جي صورت اختيار ڪري وٺندا آهن.

ان ڪري چائويانگ اليڪٽروڊ جي طور تي مائيڪرو ون ٿلهيون جست جون پٽيون ٺاهي استعمال ڪيون. اهڙي طرح رڳو 30 سيڪنڊن ۾ ئي اليڪٽروڊ گھڻا گرم ٿيڻ لڳا ۽ ائين ليٿيئم آئن گڏ ن ٿيو. ان کان پوءِ هنن 40 درجا، 49 درجا ۽ 60 درجا سينٽي گريڊ تي بيٽري کي چارج ڪيو ۽ هڪ بيٽري کي 20 درجا سينٽي گريڊ تي به تيز رفتاري سان چارج ڪيو.

60 درجا سينٽي گريڊ تي بيٽري تيزي سان چارج ٿي ۽ ان جي زندگي 2600 سائيڪل (يعني 2600 ڀيرا) چارج ۽ ري چارج پوري ڪري سگھي پئي جنهن جو مطلب ٿيو ته بيٽري 14 ورهيه هلندي ۽ گاڏي کي 750000 ڪلو ميٽرن تائين ڌڪي سگھي ٿي.

هي به پڙهي سگھو ٿا: 108 ميگا پڪسل ڪيمرا وارو پهريون ڪمرشل سمارٽ فون

سٺي ڳالهه اها آهي ته بيٽري کي چارج ڪرڻ لاءِ مستقل  طور تي 60 درجا سينٽي گريڊ گرمائش جي ضرورت پيش نه آئي پر ٿوري ٿوري وقفي لاءِ ان کي گرمي ڏني وڃي تڏهن به بيٽري تيزي سان چار ٿيندي رهندي آهي.

پر ماهرن جو چوڻ آهي ته جيتوڻيڪ 10 منٽ ۾ بيٽري چارج ڪرڻ ممڪن آهي پر ان ٽيڪنالوجي کي وڌيڪ بهتر بڻائي پنجن منٽ ۾ به ڪار جي بيٽري کي چارج ڪرڻ ممڪن آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.