سعودي عرب ۾ پهريون ڀيرو عورتن جي ريسلنگ ٿيندي

 

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ۾ تبديلي جي لهر جاري آهي ۽ هاڻ اتي پهريون ڀيرو عورتن جي ريسلنگ پڻ ٿيندي.

سعودي عرب جي تخت گاهه رياض ۾ هلندڙ مهيني 11 آڪٽوبر کان شروع ٿيندڙ ميوزيڪل ۽ ثقافتي ميلي ”رياض سيزن“ ۾ جتي 25 آڪٽوبر تي پاڪستاني فنڪارن راحت فتح علي خان ۽ عاطف اسلم پرفارمنس ڏئي مداحن جون دليون کٽي ورتيون هيون، اتي ئي ان ميلي ۾ وچ اوڀر ۽ اولهه ملڪن جي گلوڪارن طرفان فن جو مظاهرو ڪري چاهيندڙن کي لطف اندوز ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي.

رياض سيزن نالي اهو ميلو هلندڙ سال وچ ڊسمبر تائين جاري رهندو ۽ ان ۾ ڪيترن ئي عرب فنڪارن سميت اولهه ملڪن جي فنڪارن طرفان به پرفارمنس پيش ڪرڻ جو امڪان آهي.

ان ميلي جي پروگرامن کي ڏسندي سعودي عرب جي سمورن شهرن مان مردن توڙي عورتن سميت نوجوان نسل وڏي انگ ۾ پهچي رهيو آهي ۽ پهريون ڀيرو مردن توڙي عورتن کي هڪ ئي هنڌ مڪمل تفريحي ماحول ڏسڻ لاءِ ملي رهيو آهي.

3 ڏينهن اڳ ميلي ۾ هڪ نوجوان ڇوڪري، جنهن کي عبايو پاتل هو جي ”هپ هاپ“ ڊانس جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي، جنهن کانپوءِ نئون تڪرار پيدا ٿي ويو هو، جڏهن ته هاڻ اهي خبرون آهن ته ان ئي ميلي ۾ پهريون ڀيرو عورتون انتهائي مختصر لباس پائي ريسلنگ فائٽ ڪندي نظر اينديون.

هي به پڙهي سگهو ٿا: سعودي عرب جا دروازا سياحن لاءِ کُلي ويا، عبائي واري شرط به ختم

سعودي خابرو اداري موجب رياض جي شاهه فهد اسٽيڊيم ۾ پهريون ڀيرو عورت ريسلرز هڪٻئي سان ويڙهه ڪنديون.

رياض ۾ ٿيندڙ مقابلي ۾ 29 ورهين جي آمريڪي ريسلر ليسي ايونز ۽ 37 ورهين جي ڪينيڊين ريسلر نتاليا نيڌرت هڪٻئي جي ڄُنڊا پَٽ ڪنديون، اهو پهريون ڀيرو آهي جو عورت ريسلرز سعودي عرب جي سرزمين تي فائٽ ڪنديون.

عورتن جو ريسلنگ مقابلو 31 آڪٽوبر جي رات ٿيندو، جيڪو رياض سيزن جو حصو آهي، گڏوگڏ ميلي دوران مرد ريسلر به هڪٻئي سان وڙهندا.

واضح رهي ته سعودي عرب ۾ مرد ريسلرز جا اڳ ۾ به مقابلا ٿي چڪا آهن ۽ انهن مقابلن کي 2018 ۾ پهريون ڀيرو عورتن به ڏٺو هو.


سعودي حڪومت گذريل ڪجهه سالن ۾ عورتن کي نه رڳو مردن جا مقابلا ڏسڻ جي اجازت ڏني آهي پر عورتن کي خاندان جي مرد جي سربراهه جي اجازت کانسواءِ ٻاهرين ملڪ سفر ڪرڻ جي اجازت به ڏني آهي.

اهڙي ريت سعودي عورتن کي هاڻ ڪنهن به غير محرم مرد سان گڏ ملازمت، اداڪاري، ڊرائيونگ ڪرڻ، ووٽ ڏيڻ ۽ ڪنهن به راند ۾ حصو وٺڻ سميت ڪيتريون ئي آزاديون آهن.

سعودي عرب سئنيما گهرن تان به 35 سالن کانپوءِ پابندي هٽائيندي اتي فلمن جي نمائش جي اجازت ڏني هئي، جڏهن ته گذريل مهيني سعودي عرب پهريون ڀيرو پرڏيهين لاءِ سياحت کولڻ جو اعلان ڪيو هو، ان حوالي سان سعودي حڪومت نامحرم مردن ۽ عورتن کي گڏ هوٽل جو ڪمرو مسواڙ تي ڏيڻ جي به اجازت ڏني هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.