برطانوي پارليامينٽ وقت کان اڳ چونڊن جي منظوري ڏئي ڇڏي

 

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانوي پارليامينٽ جي دارالعوام هلندڙ سال 12 ڊسمبر تي وقت کان اڳ پارليماني چونڊن جي منظوري ڏئي ڇڏي.

اهڙي ٺهراءَ جي حق ۾ 438 ووٽ وڌا ويا، جڏهن ته مخالفت ۾ رڳو 20 ووٽ پيا، اڃا ان فيصلي جي منظوري ايوان بالا مان حاصل ڪرڻ باقي آهي.

مرڪزي اپوزيشن جماعت ليبر پارٽي چونڊون 3 ڏينهن اڳ، مطلب 9 ڊسمبر تي ڪرائڻ جي تجويز پيش ڪئي هئي، جيڪا منظور نه ٿي سگهي.

برطانوي وزيراعظم جي خواهش آهي ته هو چونڊن ۾ اڪثريت سان ڪاميابي کانپوءِ بريگزٽ ڊيل جي پارلياماني منظوري حاصل ڪري.

يورپي يونين تازو بريگزٽ ۾ 31 جنوري 2020 تائين واڌ جي برطانوي درخواست کي منظور ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.