ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اها دال جي هڪ اهڙي ڊش آهي جنهن کي پالڪ ۽ مصالحن سان تيار ڪيو ويندو آهي جيڪي ان جي ذائقي کي مزيدار بڻائيندا آهن. پالڪ هڪ صحت بخش ۽ مزيدار ڀاڄي آهي. ان ڊش ۾ وڌل ٿوم جا ٽڪرا ان جي خوشبو ۽ مزو وڌيڪ وڌائي ڇڏيندا آهن. اها چانورن ۽ ماني ٻنهي سان پيش ڪئي ويندي آهي.
هي به پڙهي سگھو ٿا: مزيدار سنگاپور رائيس تيار ڪرڻ جو طريقو..
شيون:
کاڄرو تيل: کائڻ جا چار چمچا
ٿوم جون ڪاٽيل ڳڙيون: چار عدد
ڪارا مرچ؛ چانهه جي چمچي جو چوٿون حصو
لونگ: 3 کان 4 عدد
دار چيني: ٻه عدد
ٽماٽا ڪاٽيل: ٻه عدد
ڳاڙها مرچ پيٺل: چانهه جو هڪ چمچو
پيٺل هيڊ: چانهه جو اڌ چمچو
ٽماٽن جو پيسٽ: کائڻ جو هڪ چمچو
مڱن جي دال ڀڳل: 3 ڪوپ
گرم مصالحو: چانهه جو اڌ چمچو
ڌاڻا پيٺل: چانهه جو اڌ چمچو
چڪن پائوڊر: چانهه جو هڪ چمچو
پاڻي: ضرورت جيترو
ساوا مرچ ؛ چار کان پنج عدد
پاڪ ڪاٽيل: اڌ ڪلو
تيار ڪرڻ جو طريقو:
1-هڪ ننڍي ٿانو ۾ کاڄرو تيل وجهي ان کي گرم ڪيو، پوءِ ان ۾ ڪاٽيل ٿوم، ڪارا مرچ، لونگ ۽ دار چيني وجهي سٺي طريقي ڀڃي وٺو.
2-هاڻ ۾ ڪاٽيل ٽماٽا وجهو ۽ سٺي طريقي ڀڃو ڀڃڻ کان پوءِ ان ۾ پسايل دال وجهي ان کي به سٺي طريقي ڀڃيو.
هي به پڙهي سگھو ٿا: ڪريلن جو قيمو…!
3-هاڻ ان ۾ گرم مصالحا، پيٺل ڌاڻا ۽ چڪن پائوڊر وجهي سٺي طريقي مڪس ڪيو.
4-ان کان پوءِ ان ۾ پاڻي ۽ساوا مرچ وجهي سٺي طريقي ڀڃو ۽ ڌڪڻ ڏئي 8 منٽن تائين دم تي رکي ڇڏيو ته جيئن دال سٺي نموني ڳري وڃي.
5-ان کانپوءِ ان ۾ اٻريل پالڪ وجهو ۽ سٺي طريقي گڏايو.
6-هاڻ ان ۾ پاڻي وجهي سٺي ڀُڃو ۽ ڌڪ ڏئي هلي باهه تي 5 کان 8 منٽ تائين دم تي رکي ڇڏيو
7-اوهان جي گرما گرم پاڪ دال تيار آهي.
Daal Palak and Stir-fry Vegetables – great healthy combination to relish Indian cuisine only at @swaad_bentleigh #DaalPalak– healthy yellow lentil with chopped spinach #StirfryVegetable – seasonal vegetables stir-fry in butter with secret swaad spices #veganfood #glutenfree pic.twitter.com/h1bKYXxWDX
— Swaad India’s Zest (@swaadBentleigh) January 6, 2019