ماهرن خود پرستي جو وڏو فائدو ٻڌائي ڇڏيو…!

بيلفاسٽ (ويب ڊيسڪ) پنهنجي شخصيت ته هر انسان کي پسند هوندي آهي پر ڪجهه ماڻهو اهڙا هوندا آهن جيڪي ديوانگي جي حد تائين پنهنجو پاڻ سان محبت ڪندا آهن.

اهڙن ماڻهن کي خود پسند، مغرور، انا پرست سوڌو ڪيترن ئي لفظن سان سڏيو ويندو آهي ۽ اوهان جي چوڌاري به اهڙا ماڻهو ٿي سگھن ٿا جيڪي ڳالهائڻ دوران هر موضوع کي پنهنجي ذات طرف ڇڪيندا هجن، اهڙو مائٽ جيڪو پاڻ آڏو ڪنهن کي ڪجهه به نه سمجهندو هجي يا آفيس جو ڪو ساٿي جيڪو هر وقت پنهنجون ئي تعريفون ڪندو هجي.

پر اهڙا ماڻهو “ذهني طور تي مضبوط“ هوندا آهن ۽ انهن ۾ ڊپريشن ۽ ذهني دٻاءَ جو امڪان به گھٽ هوندو آهي.

اها دعويٰ اتر آئرلينڊ ۾ ٿيل هڪ طبي تحقيق ۾ سامهون آئي آهي.

هي به پڙهي سگھو ٿا: ملڪ ۾ اڌ رنگ جي متاثر مريضن جو انگ خطرناڪ حد تائين پهچي ويو

ڪوئينز يونيورسٽي ۾ 700 ماڻهن جي شخصي عادتن تي ڪيل ٽن تحقيقي رپورٽن جو تجزيو ڪيو ويو.

نتيجن مان خبر پئي ته خود پرستي جو هڪ قسم grandiose  پنهنجي هوڏ ظاهر ڪندڙ ماڻهن ۾ ذهني مزاحمت وڌي ويندي آهي جنهن سان ڊپريشن جون علامتون گھٽ سامهون اينديون آهن.

تحقيق موجب اهڙي شخصيت رکندڙ ماڻهن جي اندر پنهنجي اهميت جو احساس گھڻو هوندو آهي، ان ۾ دٻاءَ  جي شرح به ٻين کان گھٽ هوندي آهي.

محققن جو چوڻ آهي ته خود پرستي جا ٻه قسم هوندا آهن شان ۽ شوڪت جو اظهار ۽ مظلوميت جو احساس.

مظلوميت جو احساس رکندڙ خودپرست ماڻهو دفاعي انداز رکندڙ ٻين جي روين کي مخالفاڻو سمجهندا آهن جڏهن ته ٻي قسم جي ماڻهن ۾ پنهنجي اهميت جو احساس گھڻو هوندو آهي ۽ پنهنجي حيثيت ۽ اختيار جو احساس کين پر لڳائي ڇڏيندو آهي.

هي به پڙهي سگھو ٿا: چانهه بابت پنج وڏيون غلط فهميون…!

محققن موجب خودپرست ماڻهن ۾ خطرناڪ رويا ظاهر ٿي سگھن ٿا، پاڻ بابت ۾ غير حقيقي بالادستي جو نظريو پيدا ٿي سگھي ٿو ۽ حد کان وڌيڪ اعتماد سان ٻين لاءِ گھٽ همدردي هوندي آهي جڏهن ته شرمندگي جو احساس ناهي هوندو.

پر  هنن چيو ته نتيجن مان اها به خبر پئي آهي ته شان ۽ شوڪت جي شوقين ماڻهن ۾ ذهني ذهني مضبوطي  جا هاڪاري عنصر جهڙوڪ اعتماد ۽ مقصد حاصل ڪرڻ وغيرهه ملندو آهي، جيڪو کين ڊپريشن جي علامتن کان تحفظ سان گڏ دٻاءُ کان بچائيندا آهن.

محققن موجب جيڪڏهن هڪ فرد ذهني طور تي مضبوط هوندو ته اهو چيلينجز کي رنڊڪ سمجهڻ بدران انهن کي قبول ڪري سگھندو.

هنن چيو ته جيتوڻيڪ خودپرستي جا سمورا قسم ته سٺا ناهن پر ڪجهه پهلو هاڪاري نتيجن جو سبب بڻجي سگھن ٿا.

ان تحقيق جا نتيجا طبي رسالي جرنل سوشل سائيڪلوجيڪل اينڊ پرسنلٽي سائنس ۾ ڇپيل آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.