لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي وومينز ٽيم ٽي ٽوئنٽي سيريز جي ٽين ميچ ۾ به بنگلاديش کي شڪست ڏئي سيريز 0-3 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي.
پاڪستان وومينز ڪرڪيٽ ٽيم هوم گرائونڊ تي تاريخ رقم ڪندي بنگلاديشي وومينز خلاف ڪلين سوئيپ مڪمل ڪري ورتو.
هي به پڙهي سگھو ٿا: وارنر، فنچ ۽ ميڪسويل جو ڪُٽڪو، سريلنڪا کي وڏي مارجن تان شڪست
ٽين ۽ آخري ميچ گرين شرٽس 82 رنسن سان ڪاميابي ماڻي پاڻ کي رڪارڊ جو حصو بڻايو.
قذافي اسٽيڊيئم لاهور کيڏيل ٽي ٽوئنٽي سيريز جي ٽين ۽ آخري ميچ جي ٽاس پاڪستان کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 7 وڪيٽن تي 117 رنسون اسڪور ڪيون، جويريا خان 48 بالن تي 54 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي.
هي به پڙهي سگھو ٿا: ڪرپشن بابت آگاهي نه ڏيڻ تي شڪيب الحسن ٻن سالن لاءِ ڪرڪيٽ کان پري
بنگلاديش طرفان جهان آرا عالم 3 وڪيٽون پنهنجي نالي ڪيون ۽ رومانه احمد 2 رانديگرياڻي کي آئوٽ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي.
هدف جو پيڇو ڪندي بنگلاديشي ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن تي 89 رنسون ٺاهيون ۽ ائين پاڪستان 28 رنسن سان ميچ پنهنجي نالي ڪري ورتي، بنگلاديش طرفان نگار سلطانا 30 رنسون اسڪور ڪري ٽاپ اسڪور رهي، پاڪستان طرفان صبا نذير ۽ انعم امين ٻن، ٻن رانديگرياڻين کي آئوٽ ڪيو.
جويريا خان کي شاندار اننگز کيڏڻ تي پرووومينز آف دي ميچ سان نوازيو ويو جڏهن ته بنگلاديش جي جهان آرا عالم کي وومن آف دي سيريز ڏنو ويو.
Pakistan makes it 3-0 against Bangladesh#PAKWvBANW Match Report ⬇https://t.co/2Fjz247Pxw#BackOurGirls pic.twitter.com/wpgtjnOOXS
— PCB Media (@TheRealPCBMedia) October 30, 2019