ڪربلا ۾ احتجاج ڪندڙن تي فائرنگ، 13 ڄڻا مارجي ويا

 

بغداد (ويب ڊيسڪ) عراقي شهر ڪربلا ۾ سيڪيورٽي فورسز جي فائرنگ ۾ حڪومت خلاف احتجاج ڪندڙ 13 ڄڻا مارجي ويا.

طبي ۽ سيڪيورٽي ذريعن تصديق ڪندي ٻڌايو ته فائرنگ جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ 13 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته 9 سئو جي لڳ ڀڳ زخمي ٿيا آهن.

واضح رهي ته عراق ۾ گذريل 5 ڏينهن کان حڪومت خلاف احتجاج جو سلسلو جاري آهي.

ان کان اڳ آڪٽوبر ۾ به حڪومت مخالف احتجاج جي پهرين مرحلي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائين ۾ گهٽ ۾ گهٽ 250 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.