سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ڪرپشن ڪهاڻي!

يوسف جميل لغاري

گذريل هفتي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران مختلف شعبن ۾ ڪامياب اميدوارن جي لسٽ پڌري ڪئي وئي. جنهن ۾ جيڪي اميدوار ڪامياب ٿيا آهن انهن جي چهرن تي ته سرهائي جا گل آهن ۽ انهي جي ڀيٽ ۾ جيڪي اميدوارن سالن جي محنت ۽ جفاڪشي کان پوءِ به ڪامياب نه ٿي سگهيا آهن انهن جي چهرن تي مايوسي ڦهليل آهي. حقيقتن جي بنياد تي جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته سنڌ اندر باصلاحيت، محنتي ۽ قابل نوجوانن جو قدر ٺپ ڪونه آهي. هتي هن اداري ۾ جهڙوڪ نالو ميرٽ جو آهي پر اُنهي جي ابتڙ جهڙي نموني ماڻهو هن اداري جي ڪرپشن واري سرڪل ۾ اچي ڪري ڪامياب ٿي وڃن ٿا سو وڏو حيرت انگيز ۽ فڪر جهڙي ڳالھ آهي ۽ اسان لاءِ لمحه فڪر پڻ! هي ڪرپشن ڪهاڻي هڪ وڏي ڪهاڻي آهي جنهن تي سنڌ جي هر هڪ باشعور ۽ پڙهيل لکيل فرد کي سوچڻو پوندو ۽ انهي معاملي کي ويجهي کان ڏسڻو پوندو تڏهن ئي وڃي ڪري اصل قصو سمجھ ۾ ايندو. هن اداري ۾ ڪجھ اِهڙا مهان شخص ويٺل آهن جن کي سڄو غرض رڳو پئيسن جو آهي. نه آخرت جي ڳڻتي اٿن. نه ئي ڪو خدا جو خوف اٿن. سنڌ جي پڙهيل لکيل طبقي جي اکين ۾ هي مهان شخص ڌوڙ وجهڻ جا ماهر آهن. ٿيندو ائين آهي ته هن ڪميشن وسيلي جنهن به صاحب حيثيت اميدوار کي نوڪري وٺڻي هوندي آهي سو سڀني کان پهريان ڇا ڪندو آهي جو هن اداري ۾ ويٺل ايجنٽن سان رابطي ۾ ايندو آهي. پوءِ مذڪوره عهدي ۽ شعبي جي حوالي سان انهم جي وچ ۾ هڪ رقم طئي ڪئي ويندي آهي. رقم جي طئي ٿيڻ کان پوءِ اسڪرينگ کان وٺي ڪري انٽرويو پاس ڪرائڻ تائين جو سڄو ذمو انهي ٺيڪدار جو هوندو آهي جيڪو اميدوار کان گهربل پئسا وصول ڪندو آهي. انهن پئيسن مان ڪجھ حصو پتي اڳتي پهچائيندو آهي ته وري ڪجھ پنهنجي جيب ۾ رکڻ سان باقي بالا آفيسرن کي مٺائي جي صورت ۾ پيش ڪندو آهي.

هاڻ جن اميدوارن نوڪري لاءِ گهربل ڏوڪڙ جمع ڪرائي ڇڏيا هوندا آهن. انهن کي ٽيسٽ جي طريقڪار لاءِ هر هڪ مرحلي لاءِ باقاعده سان تربيت ڏني ويندي آهي. ٽيسٽ ۾ ويهڻ کان پوءِ اميدوارن کي اِها تاڪيد ڪئي ويندي آهي ته اُهي سڄو سارو پيپر خالي ڇڏي اچن انهي ته ڪجھ به نه لکن. پيپر ختم ٿيڻ کان پوءِ انهن اميدوارن کي سڀني سوالن جا جواب مهيا ڪيا ويندا آهن ۽ اهو پڻ چيو ويندو آهي ته اُهي سڀني سوالن جا جواب پنهنجي هٿ اکر لکن ته جئين اڳتي مستقبل ۾ ڪنهن به قسم جي جانچ پڙتال ۾ اهو ثابت ڪري سگهجي ته هن اميدوار پيپر ۾ موجود سڀني سوالن جا جواب پاڻ هل ڪيا آهن. انهن پرچن کي وري ترتيب سان ٻين پرچن ساڻ ملائي ڪري اداري ۾ جمع ڪري ڇڏيندا آهن. مطلب ته هي سڄو ڪم ڪار هڪ وڏي ڪاريگري ۽ فنڪاري انداز ۾ ڪيو ويندو آهي ته جئين ڪنهن به قسم جي قانوني ڪاروائي ۾ ڪٿي ڪا ڪمي پيشي واضع نه ٿئي ۽ هن ڪرپشن ڪهاڻي جو قصو ظاهر نه ٿي پئي. ڳري رشوت عيوض هنن نوڪرين جي وڪري لاءِ جيڪا حڪمت عملي آهي سو عام ماڻهو جي ته سمجھ کان ٻاهر آهي پر انهي جي باوجود اهو به پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته سنڌ جي مجموعي عوام کي هن ڪرپشن ڪهاڻي جو گهڻي تڻي معلومات آهي ۽ هر ماڻهو هن قصي جي سُڌ رکي ٿو. انهي جي باوجود به ڪو نه فرد مزاحمت لاءِ اڳتي نه ٿو اچي جيڪا ڳالھ ڪنهن حد تائين حيران ڪن آهي. هن ڪميشن جو آخري ۽ جيڪو خاص توڙي ڏکيو مرحلو آهي اُهو آهي انٽرويو جو. هاڻ ٿيندو ائين آهي ته جن اميدوارن جو نمڪ هن اداري ۾ ويٺل ڪرپٽ ڪامورن جي پيٽ ۾ هوندو آهي اُهي ڪامورا اميدوار جا جيڪي سوال انٽرويو ۾ پڇڻ چاهيندا آهن يا پڇندا آهن. اُهي سوال  اميدوارن کي اڳواٺ ئي ٻڌايا ويندا آهن ۽ انهن جي کين باقاعده ريهرسل به ڪرائي ويندي آهي ته جئين اُهي مقرر وقت ۾ درست جواب ڏئي سگهن. هن سڄي مرحلي مان گهڻا تڻا هوشيار، قابل، هونهار ۽ باصلاحيت نوجوان فيل ٿي موٽندا آهن. جنهن جو مکيه سبب سڄو سارو مٿيون قصو آهي. غريب، بي پهچ ۽ معاشي طور ڪمزور نوجوان ڀلي هڪ ته ڇا ڏھ دفعا به هن ڪميشن ۾ ويهي اُن کي ڪاميابي نصيب ٿيڻي ئي ڪونه آهي. هن اداري جي بي قاعدين ۽ رشوت واري نظام تي کوڙ دفعا اخبارن ۾ خبرون شايع ٿيون آهن ۽ هڪ دفعي ته هن سڄي ڪميشن جي ميمبرن کي مٽايو ويو ته جئين اهو تاثر جڙي ته هاڻ باقاعده ميرٽ ٿيندي پر ائين ٿي ڪونه ٿو.

گهڻن هنڌن کان اِهو پڻ ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته لکت جي امتحان وارا سمورا مرحلا ڪنٽرولر جي هٿ وس هوندا آهن ۽ اهو ئي ماڻهن سان پئيسن جي ڏي وٺ ڪندو آهي. ڪجھ عرصو پهريان اِهي خبرون عام ٿيون هيون ته هڪڙي محترم پنهنجي اهل خانه مان ڪافي فرد هن ڪميشن ۾ پنهنجا نوازي جي تحت پاس ڪرايا هئا. انهي ماڻهو هن اداري ۾ پنهنجي هجڻ جو خوب فائدو ورتو ۽ سنڌ جي ساڃاھ، عقل، سمجھ ۽ ڏاهپ کي جيڪو ڌچڪو ڏنو سو صدين تائين ياد رکيو ويندو. هن ڪميشن جي انهي آقا پروري تي ڪجھ سال پهريان ڪورٽ ويا هئا ۽ هن ڪميشن جي اختيارن تي انهن ڪيس داخل ڪيا هئا. ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته اُهي دوست به خيرن سان هن دفعي ڪميشن ۾ پاس ٿي ويا. هاڻ مجموعي طور باقي پوري سنڌ مان ڪو هڪڙو به اهڙو فرد ڪونه آهي جيڪو هن ڪميشن جي انهي ڪرپشن ڪهاڻي کي وائکو ڪري. انهي خلاف ڪورٽن ۾ وڃي ۽ سالن کان جاري انهي رشوت واري گرم بازار کي بند ڪري سگهي. ڇو ته وس وارا ته پنهنجو ڪم هتان ڪري وڃن ٿا ۽ پنهنجي مٽ مائٽن کي نوڪريون ڏياري وڃن ٿا. باقي آخر ۾ رهي ٿو غريب جو ٻار. جنهن وٽ نه ڏيڻ لاءِ پئسا، نه ٻني نه ٻارو. اهو اهڙن اعليٰ ادارن جي خلاف وڃي به ته ڪئين وڃي. انهي وٽ ايترا وسيلا ئي ڪونه آهن. انهي لاءِ چپ واري واٽ وٺي ڪري گهر جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ٻه چار گهڙيون پنهنجي ڦٽل قسمت تي ڪجھ ڳوڙها ڳاڙهي ڪري چپ ڪري ويهي رهندو آهي. ادارن جو جيڪڏهن اهو ئي حال رهيو ته پوءِ سنڌ ۾ سُڌارو ڪئين ممڪن ٿيندو. نوجوانن جو محنت طرف لاڙو ڪئين ٿيندو. اعتماد جي ٽٽڻ کان پوءِ انهن ۾ مقابلي جو ماحول ڪئين جڙندو.

افسوس ته انهن والدين جي سوچ تي به ٿي ٿو جيڪي پنهنجي اولاد کي محنت واري واٽ ڏيکارڻ جي بجاءِ ڳري رقم عيوض اهڙيون نوڪريون خريد ڪري ڏين ٿا ۽ پوءِ انهن جي محنت ۽ عظمت جا ڳُڻ ٻين جي آڏو ڳائن ٿا. هڪ لمحي لاءِ به اهو نه ٿا سوچين ته اسان جي انهي واٽ وٺڻ سان ڪيترن غريبن ۽ محنتي ٻارن جو حق مري ٿو. انهن جا خواب ساڀيان ماڻڻ کان پهريان ئي ڳري ختم ٿي ڪري زنده دفن ٿي وڃن ٿا. اهڙن هاڃن کان پوءِ گهڻن ئي نوجوانن جو محنت تان ارواھ ئي کڄي ٿو وڃي ۽ هو محنت ڪرڻ کان عاري ٿي وڃن ٿا. کين سموري حياتي اِها ڳڻتي اندران ئي اندران کوکلو بڻائيندي آهي ته سڀ ڪجھ هجڻ جي باوجود به مون کي موٽ ۾ هي نظام هڪ نوڪري نه ڏئي سگهيو ۽ ائين ئي انهن جي زندگي تباھ ٿي ويندي آهي. جيڪڏهن هن سڄي ساري نظام کي ائين ئي ڇڏيو ويو. انهي ڪرپشن واري ناسور کي هن اداري ۾ وڌڻ ڏنو ويو ته يقين ڪريو ايندڙ ڪجھ سالن ۾ سنڌ اندر توهان کي نه ئي ڪا انسانيت جي جذبي کي سمجهندڙ ماڻهو ملندا ۽ نه ئي ڪي باصلاحيت توڙي محنتي نوجوان ملندا. سڀ جا سڀ ادارا ناقص ۽ ناڪاره ٿي ويندا. پوءِ اِها چوڻي سچ ٿي پوي ته سنڌ ٻين جي ڀيٽ ۾ چاليھ سال پهريان تباھ ٿيندي ۽ واقعي تباھ ٿي به ويندي ناليواري شاعر مهر ڊٻائي چواڻي:

جڏهن ڄٽ  توتي  حڪمران  ٿيندا
ته ڇو ڪونه نسلن جا نقصان ٿيندا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.