مولانا جو آزادي مارچ ۽ صوفين جي سنڌ

جي ايم کوکر

هن صوفين جي ڌرتي ۾ مذهب جو جنون ڏسي اهي سياسي مخالف خوش ڇو نه ٿيندا جن جوگذر سفر ئي حڪومت هوندي آهي، اتي ڪرپشن الزامن ۾ قيد سياسي اڳواڻن جو صبر شايد جواب ڏئي چڪو آهي عمران حڪومت ڪيرائڻ لاءِ جيڪو ڪم انهن سياسي جماعتن کي ڪرڻو هو اهو ڪم  مولانا کان ورتو پيو وڃي اتي صوفي ازم جا پوئي لڳ دانشورن ۽ آزاد خيال دوستن جي وات ۾ آڱريون ڇو اچن جن کي مذبي جنون اڳيان پنهنجي موت نظر اچي ٿي ،ڀلي ٻين صوبن ۾ مذهب کي ڪهڙي نظر سان ڇو نه ڏٺو وڃي اتي سنڌ جو مذهب سان ڇا لهڻو سنڌ جا ماڻهن ته مهمان نواز آهن انهن کي مذهب جي پڃري ۾ ڪير به قيد نٿو ڪري سگهجيان ڪري سنڌ کي پنهنجي مستقبل جي فڪر آهي ، مولانا صاحب چوي ٿو ته مذهب جو ڪارڊ قائد اعظم محمد عل جناح به کيڏيو هو پر مولانا کي ڪير اهو به ته سمجهائي ته  قائد اعظم جڏهن مذهب جو ڪارڊ استعمال ڪيو هو اهو پنهنجي مذهب خلاف نه پر ٻن غير مذهبن جي آڏو استعمال ڪيو هو۽ ان جي بدولت هي مٺڙو مذهبي پاڪستان ٺهيو، مولانا صاحب کان ڪير اهو به ته پڇي ته ماضي ۾ ايندڙ حڪومتن جڏهن توهان کي جهولي ۾ ويهاريو پئي تڏهن مذهب ڪارڊ ڪٿي پيل هو؟ ائين ته نه هو جو توهان کي حڪومتن ۾ ويهاري مذهب کي پري رکيو ويو .توهان پيپلزپارٽي ۽ نواز حڪومتن ۾ خوش هيا ۽ جڏهن توهان پنهنجي تڪ جي سيٽ قسم سان هارائي ويٺا آهيو تڏهن کان توهان جي پيٽ ۾ سور ڇو پيو آهي،؟ ڪير مولانا کان اهو به ته پڇي ته توهان مذهب ڪارڊ صرف عمران خان حڪومت ڪيرائڻ لاءِ ڇو ٿا استعمال ڪيو ائين ته ناهي جو مولانا جي پٺيان به اهي خلائي مخلوق آهن جيڪي جمهوريت کي ڊي ريل ڪرڻ جون  شايد سازشون ڪري رهيا هجن پوءِ ڀلي اهي خلائي مخلوق توهان جي آڏو نه اچن پر اندروني طور تي آزادي مارچ جي آڙ ۾ ڪٿي  جمهوريت جو نه ٻيڙو غرق ڪن

چون ٿا ته عمران خان جو نظريو مولانا ڪچر خلاف رهيو آهي اهو ئي سبب آهي ته ان سان مولوين جي به دل نٿي لڳي، اهي ئي سبب آهي ته جڏهن عمران خان کي وفاقي حڪومت ٺاهڻ  لاءَ ڪجهه سيٽن جي اهم ضرورت هئي ان وقت ان ملڪ دشمن ۽ لساني سوچ رکنڊڙن ماڻهن کي ترجيح ڏئي ڪابينا ۾ زهر جو ڊڪ پي ڪري شامل ڪيو پر مولوين کي لفٽ نه ڪرائي، جيڪي ملان هر حڪومتي دور ۾ حڪومت جو حصو رهيا هجن انهن کي عمران حڪومت ۾ پري رکڻ ئي مولوين کي مڇرائي وڌو آهي هڪ پريس ڪانفرنس ۾ مون جڏهن مولانا فضل الرحمان کان سوال ڪيو ته سائين  توهان دو بندين جو يقين هوندو آهي ته ڪنڊو به خدا جي مرضي سان لڳندو آهي ته پوءِ ان خدا عمران خان کي پنج سالن تائين وزير اعظم بڻايو آهي ته پوءِ توهان کي اهو سڀ حضم ڇو نٿو ٿئي، جنهن تي مولانا صاحب جواب ڏيڻ کان اڳ ٽهڪ ڏنو ۽ چيو تو توهان جيڪو سوال پڇيو آهي ان جواب جي توهان کي به خبر آهي پر توهان منهنجي وات مان چورائڻ چاهيو ٿا پر مان ائين ڪڏهن نه چوندس ۽ ان جزپاتي انداز ۾ چيو ته عمران خان کي الله وزير اعظم ناهي ڪيو ان کي ڪنهن ٻئي ڪيو آهي

تبديلي سرڪار کي گهر ڀيڙو ڪرڻ لاءِ سنڌ وڏي اهميت اختيار ڪري ويو آهي ڇو ته پنجاب، خيبر ۽ بلوچستان ۾ عمران خان جون حڪومتون ۽ حمايتي ويٺل آهن جنهن مان ظاهر آهي ته اهي صوبائي حڪومتيون پنهنجي وزير اعظم مخالف مارچ ۾ ڪنهن به صورت ۾ حمايت نه ڪندا ڇو ته وفاقي حڪومت جي تڏا ويڙهه سان صوبائي حڪومتن جي به تڏا ويڙهه ٿيندي ۽ جنهن مان صاف ظاهرآهي ته انهن صوبن مان جيڪي به سياسي، توڙي مذهبي ماڻهو نڪرڻ جي ڪوشش به ڪندا ته انهن جي رستا روڪ آساني سان ڪئي ويندي اتي سنڌ واحد صوبو آهي جتي عمران خان حڪومت مخالف حڪومت قائم ٿيل آهي ۽جتي حڪومت پيپلزپارٽي جي آهيان پارٽي جا سربراهه اڳوڻو صدر آصف علي زرداري، ان جي ڀيڻ فريال ٽالپر، سيد خورشيد شاهه سميت ڪيترائي وزير، مشير جيلن ۾ قيد ، نئب جي حراست ۾ آهن اتي ن ليگ  جي وڏي قيادت جيلن ۾ آهي ۽ ٻنهيءِ  پارٽِين جي موجوده قيادت جو خيال جيتوڻيڪ مولانا جي مارچ کان پري رهڻ آهي پر انهن جي جيل ۾ قيد اڳواڻن جي اندر جيڪا بغاوت عمران مخالف  ٻري رهي آهي  انهن جو مشن عمران حڪموت جي تڏا ويڙهه ئي آهي پر مولانا جي آزادي مارچ مان ڪنهن حد تائين کليل فضا ۾ گهمندڙ پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ جي نوجوان قيادت کي خوف آهي ته ڪٿي عمران حڪومت جي تڏا ويڙهه واري مشن سان جموريت جي تڏا ويڙهه نه شروع ٿي وڃي .اتي پيپلزپارٽي پنهنجي پراڻي ساٿي مولانا فضل الرحمان جي جيتري قدر سڌي طور تي مدد ڪرڻ بجائي اڻ سڌي طور تي شامل آهي ، اتي آزادي مارچ جون تيارين جي حوالي سان سنڌ جي مخلتف شهر ۾ جي يو آئي جي راشد محمود سومرو جي قيادت ۾ ٿيندڙ جلسن ۾ مدرسن جي طالبن جي هجوم کي ڏسي لڳي ٿو عمران خان جي چهري ۾ گهنج پوڻ شروع ٿيا آهن ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ ٿي سگهي ٿو تحريڪ انصاف قيادت مولانا کي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جي آچ ڪري ڇو ته ڪجهه ڌرين جو خيال آهي ته عمران خان ايم ڪيو ايم جي بليڪ ميلنگ کان اڳ ئي تنگ آهي ان ڪري هو چاهيندو ته جيڪڏهن مولانا حڪومت ۾ شامل ٿئي ٿو ته پوءِ  هيءِ آزادي مارچ جي پڄاڻي روڊن تي نڪرڻ کان اڳ ئي ٿي وڃي

پنج لک ابابيل سنڌ مان اسلام آباد ڏانهن ڪوچ ڪندا جن جي ايمان ۾ ڪجهه ڏينهن لاءِ عمران خان جي حڪومت جي تڏا ويڙهه شامل آهياتي جي يو آئي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري راشد محمود سومرو جي مطابق آزادي مارچ ۾ سڀ کان وڌيڪ ماڻهو سنڌ مان نڪرندا ان جي مطابق  گهٽ مان گهٽ پنج لک ماڻهو آزادي ۾ شريڪ ٿيندا هن اهڙي ڳالهه هڪ نجي ٽي وي جي شو ۾پڻ ڪئي جتي هڪ وفاقي وزير کي چيلنج طور تي لکي به ڏنو آهي، چيو وڃي ٿو ته سنڌ مان نڪرندڙ  پنج لک ابابيلن جي هٿن ۾ڪاري ۽ اڇي رنگ جا  ڏنڊا به هوندا جيڪي ڪنهن به صورت ۾اسلام آباد پهچندا ،ان سلسلي ۾ ج يو آئي سنڌ جي قيادت پاران انتظامن کي آخري شڪل ڏني وئي آهي ، جي يو آئي پاران ڪارڪنن جي لاءِ 32 نڪتن تي مشمل ضابطا اخلاف به جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ڪارڪنن کي ڪنهن به صورت ۾ اسلام آباد پهڻ جو حڪم درج ٿيل آهي ضابطي موجب هر ڪارڪن پاڻ سان گڏ هڪ مهيني جو خشڪ راشن جن ۾ ڀڳڙا، اخروٽ، بادام ۽ ٻيو ميوو لازمي گڏکڻندا، هڪ ان سان سردي کان بچڻ لاءِ گڏ هڪ عدد ڪنبل يا رلي، آنسو گئس کان بچڻ لاءِ رومال سان گڏ هڪ وڏي پاڻي جي بوتل، گاڏين ۾ سفر دوران ڪارڪنن کي پنهنجي اس پاس ڪنهن به مشڪوڪ ماڻهن تي نظر رکڻ ۽ ٻيا نڪتا شامل آهن اتي مولانا راشد محمود سومري اهو واضع ناهي ڪيو ته سنڌ مان جيڪي پنج لک ماڻهو مارچ لاءِ اسلام آباد ويندا انهن ۾ مدرسن جا طالب علم هوندا يا نه، اهو به واضع ناهي ڪيو ويو ته ايڏي هجوم ۾ ٻين سياسي توڙي مذهبي حمايتي جماعتن جا ماڻهو گڏ هوندا يا نه هوندا

ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته هن صوفين جي ڌرتي ۾ رهندڙ ماڻهو روشن خيال ۽ سلجهيل آهن ۽ انهن  جوپنهنجي مذهب سان  ايمان به پختو آهي ان لاءِ ڪنهن به ملان جي سرٽيفڪيٽ جي ضرورت به ناهي اتي سنڌ جو باشعور ماڻهن پنهنجي مخالف کي ڪڏهن به پٺيان وار ناهي  سنڌ تي جڏهن به ڏکيو وقت آيو سنڌ جي حلالي پٽن پنهنجي  ڌرتي جي هميشه سيني کي تاءُ ڏئي مخالف جي سامنهون ئي  بيٺو رهيو اتي ڌرتي جي مٽي ۾ دفن ٿيندڙ شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو  سنڌ جو سرخ سلام آهي جنهن مذهب جي چادر اوڙهي به ڪڏهن  پنهنجي مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ مذهب جو ڪارڊ استعمال ناهي ڪيو اهو ئي سبب هو ته کائنس مذهب جا اڪثر ٺيڪيدار ان کان خفا رهندا هيا ان ڪڏهن به مذهب کي سياست ۾ نه آندو ،هن ڪڏهن به سياسي جلسي ۾ پنهنجي مدرجي جي ٻارن کي نه آندو، پر افسوس ته هيءِ   اها ئي سنڌ آهي جتي ان جو شهزادو مذهبي ڪارڊ استعمال ڪندي مسجدن ۽ مدرسن جي طالب علمن کي اسلامي تعليم جي مرڪزن مان ڪڍي روڊن تي آندو آهي هي اها ئي سنڌ آهي جنهن جو  نالو صوفين جي ڌرتي آهي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.