چانورن جو فيس ماسڪ جلد لاءِ بهترين…!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) چانورن جو پاڻ اسان جي جلد لاءِ گھڻو فائديمند هوندو آهي ۽ پراڻي دور کان ئي ماڻهو ان کي استعمال ڪندا ايندا آهن جڏهن ته جلد جي ماهرن به چانورن جي اٽي ۽ پاڻي کي جلد لاءِ اثرائتو قرار ڏنو آهي.

جيڪڏهن اوهان چاهيو ٿا ته اوهان جي جلد به سهڻي، خوبصورت ۽ چمڪندڙ نظر اچي.

هي به پڙهي سگھو ٿا: کيري سان جلد جي حفاظت..!

اچو ته اوهان کي ٻڌايون ٿا چانورن مان تيار ڪيل فيس ماسڪ جنهن کي لڳائڻ سان اوهان جي جلد به تازي ٿي ويندي.

ماسڪ تيار ڪرڻ جو طريقو:

چانورن جو ماسڪ تيار ڪرڻ لاءِ وڏو چمچو چانورن جو پائوڊر کڻو، پوءِ ان ۾ هڪ وڏو بيسڻ ۽ هڪ چپٽي هيڊ شامل ڪيو.

انهن سڀني شين گڏائڻ کان پوءِ ان ۾ کير يا گلاب جو پاڻي وجيه پنهنجي چهري تي هلڪي هلڪي مساج ڪيو.

هي به پڙهي سگھو ٿا: جلد جي حفاظت ڪرڻ جا بهترين ٽوٽڪا..!

مساج ڪرڻ کان پوءِ ان کي پنهنجي چهري تي 15هن کان 20 هن منٽن تائين لڳايو.

جڏهن ماسڪ خشڪ ٿي وڃي ته چهرو ڏوئي ڇڏيو، ائين ڪرڻ سان اوهان چهرو تازو ۽ جلد نرم ٿي ويندي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.