ڪريلن جو قيمو…!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گوشت ۽ ڀاڄين ۾ گڏائي پچائجندڙ پڪوانن ۾ مشهور تيرن ڪريلن جو قيمو هر گھر ۾ شوق سان کاڌو ويندو آهي. ان ۾ شامل تکا مصالحا ان پڪوان کي لاجواب ذائقي سان ڀرپور بڻائيندا آهن. ان تي ڇٽيل ڌاڻا ۽ ساوا مرچ به ان کي وڌيڪ مزيدار بڻائيندا آهن. ان کي چپاتي يا گھر جي ماني سان گڏ کائڻ جو پنهنجو ئي مزو آهي.

گھربل شيون:

تيل؛ ٽئي کان چار کائڻ جا چمچا

بصر ڪاٽيل؛ ٻه کان 3 ععدد

ڪارا مرچ پيٺل؛ چانهه جو اڌ چمچو

لونگ؛ چانهه جو اڌ چمچو

زيرو پيٺل؛ چانهه جو هڪ چمچو

ڌاڻا پائوڊر ڳاڙها مرچ پيٺل؛ چانهه جو هڪ چمچو

ڳاڙها مرچ: چانهه جو هڪ چمچو

هيڊ؛ چانهه جو اڌ چمچو

لوڻ ؛ ذائقي موجب

ڳئون جي گوشت جو قيمو: اڌ ڪلو

ٽماٽن جو پيسٽ ؛ هڪ ڪوپ

ٽماٽن جو ٻج: هڪ ڪوپ

ڪريلا ڪاٽيل: 3 عدد

پاڻي ڌاڻا ڪاٽيل؛ سجاوٽ لاءِ

ساوا مرچ ڪاٽيل؛ سجاوٽ لاءِ

ترڪيب:

هڪ ڪڙاهي ۾ تيل گرم ڪيو پوءِ ان ۾ بصر وجهو ۽ ان کي هلڪو سونهري ڪري وٺو.

هاڻ ان ۾ لونگ، ڪارا مرچ، زيرا پائوڊر، ڌاڻن جو پائوڊر ۽ ڳاڙها مرچ شامل ڪيو ۽ بن منٽن لاءِ سٺي طريقي چمچي سان گڏايو.

هي به پڙهي سگھو ٿا: مزيدار سنگاپور رائيس تيار ڪرڻ جو طريقو..

هاڻ ان ۾ هيڊ ۽ لوڻ شامل ڪيو ۽ سٺي طرح مڪس ڪيو

ان کان پوءِ ان ۾ قيمو شامل ڪري پنجن کان 6 منٽن تائين پچايو.

هاڻ ان ۾ ٽماٽي جو پيسٽ شامل ڪيو ۽ سٺي طريقي گڏايو. پوءِ ٽماٽي جو گودو شامل ڪيو ۽ چمچي سان گڏايو.

هي به پڙهي سگھو ٿا: دم قيمو تيار ڪرڻ جي سولي ترڪيب..!

ان کانپوءِ ان ۾ ڪريلو شامل ڪيو ۽ سٺي طريقي چمچي سان گڏائي ان ۾ پاڻي وجهي ۽ ڏهن کان 15 منٽن لاءِ دم تي رکي ڇڏيو.

هاڻ ان تي ڌاڻا ۽ ساوا مرچ ڇٽي پيش ڪيو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.