”جيڪڏهن نواز شريف کي ضمانت ملي سگهي ٿي ته پوءِ ٻين قيدي مريضن کي ڇو نه“

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اٽارني جنرل آف پاڪستان انور منصور چيو آهي ته جيڪڏهن نواز شريف کي هن حالت ۾ ضمانت ملي سگهي ٿي ته پوءِ جيل ۾ موجود ٽي بي يا ڪينسر جي مريضن کي ڇو نٿي ملي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي سزا معطلي ۽ ضمانت لاءِ داخل هنگامي درخواست تي عدالتي ڪارروائي تي انور منصور جو چوڻ هو ته جهڙي ريت عدالتي ڪارروائي هلي، ان تي مون کي افسوس ٿيو آهي.

سندس موجب نيب چيو ته نواز شريف پنجاب حڪومت جي تحويل ۾ آهي، فيڊريشن کي نوٽيس مليو نه ئي وفاقي حڪومت ان ڪيس ۾ ڌر هئي، ڪيس بابت حڪومت کي علم ئي نه هو.

هن چيو ته منجهند ٻي وڳي نوٽيس مليو ته 4 وڳي پيش ٿي وڃو، نواز شريف جي ڪيس ۾ نيب ڌر هيو پر اسان جي آفيسر کي چيو ويو هو ته توهان گارنٽي ڏيو ته اڱاري تائين نواز شريف کي ڪجهه نه ٿيندو؟ زندگي ۽ موت جي ڪير به گارنٽي نٿو ڏئي سگهي.

انور منصور چيو ته اسان ڪيس ۾ ڌر ناهيون، جيڪڏهن نوٽيس آيو ته عدالت وينداسين، ڪيس ۾ اسان جو ڪو ذاتي مفاد ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.