لاهور (ويب ڊيسڪ) ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته آسٽريليا خلاف سيريز لاءِ ٽيم ۾ جونيئرز ۽ سينيئرز جو ڳانڍاپو آهي ۽ سٺي ڪرڪيٽ کيڏنداسين.
هي به پڙهي سگھو ٿا: پاڪستان اچڻ تي بنگلاديش ٽيم جا ٿورائتا آهيون: بسما معروف
قذافي اسٽيڊيم ۾ صحافين سان ڳالهائيندي بابراعظم چيو ته 12 سال اڳ انهيءَ اسٽيڊيم ۾ ميچ ڏسڻ لاءِ آيو هيس، هاڻ هتي قومي ٽيم جي ڪپتان طور موجود آهيان، آسٽريليا خلاف سيريز لاءِ ٽيم ۾ جونيئرز ۽ سينيئرز جو ڳانڍاپو آهي، سٺي ڪرڪيٽ کيڏنداسين ۽ کٽينداسين، ٽيم جي چونڊ سليڪشن ڪميٽي جو ڪم آهي.
هن چيو ته ڊوميسٽڪ ۽ جونيئر سطح تي ڪپتاني ڪئي، سينٽرل پنجاب ٽيم کي بالنگ سبب شڪست ٿي، ڪپتاني سبب ذميواري وڌي وئي، صلاهيتن سان انصاف ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس، ڊوميسٽڪ ٽورنامينٽ ۾ انفرادي ڪارڪردگي جو گراف نه آهي پنهنجي ٽيم جي پرفارمنس تي ڌيان ڏيندس.
هي به پڙهي سگھو ٿا: مصباح الحق کي ڪوچنگ جي ”الف” جي به خبر ناهي؛ عامر سهيل
سندس چوڻ هو ته آسٽريليا ۾ چپز تي بائونس هوندو، تيار ڪري ورتي آهي، اسان جي پيس بيٽري به سٺي آهي، محمد عامر سان پرجوش پيسرز محمد موسيٰ ۽ محمد حسنين به موجود هوندا، آسٽريلوي ڪنڊيشنز ۾ ورلڊ ٽي ٽوئنٽي جي تيارين جو موقعو ملندو، امام الحق بيڪ اپ ۾ هوندو، فخر زمان سان گڏ اننگز جي شروعات پاڻ ڪندس.
Media activities before Pakistan T20I team’s departure for Australia. pic.twitter.com/CZBgY8k4cM
— PCB Media (@TheRealPCBMedia) October 25, 2019