مزيدار سنگاپور رائيس تيار ڪرڻ جو طريقو..

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنگاپورين رائيس جو نالو ٻڌي ائين محسوس ٿيندو آهي ته ان جو واسطو سنگاپور سان هوندو، پر حقيقت ۾ ائين نه آهي.

جيڪڏهن اوهان گوگل تي ان ڊش کي سرچ ڪيو ته اوهان کي پاڪستان ۾ سنگارپورين رائيس ٺاهڻ جون گھڻيون ترڪيبون ملنديون.

پر ان ڊس جو واسطو ڪٿان کان آهي ۽ اها ڇو ايتري مشهور ٿي، ان حوالي سان ڄاڻ نه ملندي.

اصل ۾ سنگاپورين رائيس نالي ڪا به ڊش دنيا جي ڪنهن به ملڪ سان واسطو نٿي رکي ۽ ان جو واسطو سنگاپور سان ته بلڪل نه آهي.

هي به پڙهي سگھو ٿا: دم قيمو تيار ڪرڻ جي سولي ترڪيب..!

ڏکڻ چين ۾ Hainanese Chicken Rice نالي هڪ ڊش تيار ڪئي ويندي آهي، جيڪا بعد ۾ سنگاپور جي قومي ڊش سجمهي ويندي هئي.

اها ڊش به چڪن ۽ چانورن سان گڏ تيار ٿيندي هئي، پر گذريندڙ وقت سان گڏ پاڪستان ۾ ان ڊش کي هڪ نئين انداز ۾ تيار ڪرڻ شروع ڪيو ويو ۽ ان کي سنگاپور رائيس جو نالو ڏنو ويو.

هاڻ اها ڊش پاڪستان ۾ گھڻي شوق سان ٺاهي ۽ کاڌي ويندي آهي، جڏهن ته ماڻهو ان کي تقريبن ۽ شادين ۾ به پنهنجي پڪوانن جو حصو بڻائيندا آهن.

ان لذيذ ڊس جي مزيدار ترڪيب هيٺ پڙهو:

چڪن گريوي لاءِ گھربل شيون:

چڪن اڌ ڪلو بون ليس ٻوٽين ۾ ڪاٽيو

سويا ساس کائڻ وارو هڪ چمچو

سرڪو کائڻ جو هڪ چمچو

تيل کائڻ جا ٻه چمچا

لوڻ چانهه جو اڌ چمچو

ڳاڙها مرچ چانهه جو اڌ چمچو

ادرڪ ٿوم جو پيسٽ کائڻ هو هڪ چمچو

ڪارا مرچ چانهه جو اڌ چمچو

چلي ساس چانهه جو هڪ چمچو

ڪيچپ اڌ ڪوپ

 

رائيس

فرائيڊ سبزي ۽ نودلز لاءِ گھربل شيون:

اٻريل نوڊلز 200 گرام

تيل کائڻ جو هڪ چمچو

ادرڪ ڊگھو ڪاٽيل کائڻ جو هڪ چمچو

شملا مرچ ڊگھا ڪاٽيل اڌ ڪوپ

ساون بصرن جو اڇو حصو ڪاٽيل اڌ ڪوپ

ساون بصرن جو سائو حصو ڪاٽيل اڌ ڪوپ

بند گوبي ڊگھي ڪاٽيل هڪ ڪوپ

گجر ڊگھي ڪاٽيل اڌ ڪوپ

لوڻ ذائقي موجب

ڪارا مرچ ذائقي موجب

ڳاڙها مرچ پائوڊر چانهه جو اڌ چمچو

تِرن جو تيل چانهه جو اڌ چمچو

سويا ساس کائڻ جا ٻه چمچا

مايو ساس تيار ڪرڻ لاءِ گھربل شيون:

مايونيز اڌ ڪوپ

ڪيچپ ڪوپ جو ٽيون حصو

چلي ساس چانهه جو هڪ چمچو

لوڻ هڪ چپٽي

ڪارا مرچ هڪ چپٽي

چانور:

چانور اڌ ڪلو

لوڻ چانهه جو هڪ چمچو

تيل چانهه جو هڪ چمچو

ترڪيب:

چڪن گريوي: تيل گرم ڪري چڪن شامل ڪيو، ان ۾ ادرڪ ٿوم جو پيشٽ وجهو، رنگ تبديل ٿيڻ تائين فرائي ڪيو، سويا ساس، سرڪو، لوڻ، ڳاڙها مرچ، ڪارا مرچ شامل ڪيو ۽ چڱي طرح گڏايو، ان کان پوءِ چلي ساس، ڪيچپ ۽ ٿورو پاڻي گڏائي ٽئي کان چار منٽن تائين پچايو، تيار ٿيڻ کان پوءِ ان کي هڪ پيالي ۾ ڪڍي وٺو

هي به پڙهي سگھو ٿا: مڇي پچائڻ جي سولي ترڪيب…!

فرائيڊ سبزي ۽ نوڊلز: انهيءَ ٿانو ۾ ٿورو تيل وجهو ۽ سموريون ڀاڄيون شامل ڪيو، رڳو ساون بصرن جي سائي حصي ڇڏي، سويا ساس، لوڻ، ڪارا مرچ، ڳاڙها مرچ شامل ڪري هڪ کان ٻن منٽن تائين فرائي ڪيو، اٻريل نوڊلز شامل ڪيو ۽ گڏايو ان کان پوءِ تيل ۽ ساون بصرن جو سائو حصو شامل ڪيو ۽ ٻيهر گڏايو ، تيار ٿيڻ کان پوءِ ان کي ڌار رکي ڇڏيو.

مايو ساس: هڪ پيالي ۾ مايونيز، ڪيچپ، چلي ساس، لوڻ ۽ ڪارا مرچ شامل ڪيو، سٺي طريقي گڏايو، مايوس ساس تيار ٿيڻ تي ڀلي ان کي ڪنهن بوتل ۾ رکي ڇڏيو.

چانور پچائي ڌار رکي ڇڏيو، ٿوم ۽ ساوا مرچ ڪاٽي ڌار فرائي ڪيو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.