رت ۾ موجود پليٽيليٽس ڇا آهن..؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)عام طور تي پاڪستان ۾ انساني رت اندر موجود خلين (جيو گھرڙن) جي ذرڙن جو ذڪر عام ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي ئي ملندو آهي پر گذريل ڪجهه ڏينهن کان اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي جيل ۾ طبيعت خراب ٿين ۽ پليٽيليٽس گھٽ ٿيڻ ڪري هر ڪو ان بابت ڳالهه ڪندي نظر اچي رهيو آهي.

پر گھڻن ماڻهن کي اها خبر ناهي ته انسان رت ۾ موجود اهي ذرڙا ڇا هوندا آهن ۽ انساني صحت ۾ انهن جو ڪردار ڪهڙو هوندو آهي؟

طبي ماهرن موجب پليٽيليٽس انساني جسم جي رت ۾ موجود پليٽ جي شڪل جا ننڍا ننڍا ذرڙا يعني جيو گھرڙا هوندا آهن ۽ انهن جي چوڌاري جهلي ٺهيل هوندي آهي، ان جو ڪم انساني رت جي جسم مان ٻاهر نڪرڻ کي روڪڻ هوندو آهي.

اهي جيوگهرڙا يعني پليٽيليٽس رت سان گڏ ئي گردش ڪندا رهندا آهن ۽ جسم جي ڪنهن به حصي تي زختم يا ڌڪ لڳڻ جي صورت ۾ اهي گڏ ٿي جهلي ٺاهي وٺندا آهن ۽ رت کي جسم کان ٻاهر اچڻ کان روڪيندا آهن.

طبي ماهرن موجب  پليٽيليٽس جي غير موجودگي يا گھٽتائي سبب انساني رت دماغ ۾ گڏ ٿي ويندي آهي، جنهن جي ڪري ڪيتريون ئي پيچيدگيون پيدا ٿي سگھن ٿيون ۽ امڪاني طور تي رت جسم کان ٻاهر اچڻ شروع ٿي سگھي ٿي ۽ انهن جي گھٽتائي برين هيمرج جو سبب به بڻجي سگھي ٿي.

هي به پڙهي سگھو ٿا: مشهور عالمي ڪمپنيون سڀ کان وڌيڪ پلاسٽڪ جو ڪچرو پيدا ڪن ٿيون

ماهرن موجب  صحت مند انساني جسم ۾ پليٽيليٽس جو انگ ڏيڍ لک کان ساڍا چار لک تائين هوندو آهي ۽ ان سان گوڏي جو گودو ضرورت موجب پاڻ مرادو ٺهندو رهندو آهي.

ڪجهه ماهرن جو خيال آهي ته جيڪڏهن ڪنهن انسان ۾ پليٽيليٽس جو انگ 25 هن هزارن يا ڪڏهن ڪڏهن 10 هن هزار تائين به هليو ويندو وڃي ته پريشاني جي ڳالهه ناهي.

پر جيڪڏهن ان جو انگ 10 هزار کان گھٽ ٿيڻ لڳي ته انسان جي جسم مان رت وهڻ جو خطرو پيدو ٿي ويندو آهي ۽ نڪ مان به رت وهڻ شروع ٿي سگھي ٿي.

پليٽيليٽس جي گھٽتائي ڪجهه انفيڪشنز پکيڙڻ، گڙدن جي بيماري، جسم جي مدافعتي نظام ۾ خرابي ۽ دوائن جي ري ايڪشن جو سبب به بڻجي سگھي ٿي ۽ انسان ۾ گھڻي ڪمزوري  به ٿيڻ لڳندي آهي.

انساني جسم ۾ پليٽيليٽس جو انگ معلوم ڪرڻ لاءِ “ڪمپليٽ بلڊ ڪائونٽ” (سي بي سي) نالي  رت جي ٽيسٽ ڪرائڻي پوندي آهي جيڪا پاڪستان ۾ عام ليبارٽرين ۾ 400 کان 1000 تائين ٿيندي آهي.

هي به پڙهي سگھو ٿا: بلڊ پريشر جون دوائون آپگھات تي اڪسائن ٿيون: ماهرن ڇرڪائي…

سي بي سي ٽيسٽ ذريعي نه رڳو انساني جسم ۾ پليٽيليٽس جو انگ  معلوم ٿي ويندو آهي پر ان ٽيسٽ سان انساني رت ۾ موجود ڳاڙهن ۽ اڇن ذرڙن سوڌو ٻين ذرڙن جي به خبر پئجي ويندي آهي.

ماهرن جو چوڻ آهي ته پليٽيليٽس جو انگ  گھڻن مرضن جو سبب گھٽ ٿي سگھي ٿو ۽ اهڙن مرضن ۾ “ڊينگي” بخار به شامل آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.