۽ جڏهن ماڻهو ٻه ويلا کائي نه سگهي

مقبول ملاح

ملڪ ۾ معاشي صورتحال هر ڏينهن نئين بحران جو شڪار ٿي رهي آهي، پي ٽي آءِ جڏهن حڪومت ۾ آئي هئي ته عوام اهو سمجهو ته کين هر نئين ايندڙ حڪومت جيان آسرا نه ڏنا ويندا، بلڪه عوام سک جو ساهه کڻندو، پر ڳالهه ان جي ابتڙ ٿيندي وئي، پاڪستان جي روپئي جي قيمت ڏينهون ڏينهن ڪرندي وئي ۽ ڊالر  جي قيمت ۾ اضافي ڪري پاڪستان ۾ مهانگائي وڌيندي وئي، پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو، جيڪو 65 روپيا في ليٽر ۾ وڌي 114 روپين تائين پهتو، جنهن سان عام واهپي جي شين جي قيمتن ۾ پڻ اضافو ٿي ويو. 2018ع ۾ مهانگائي 3.9 سيڪڙو هُئي جيڪا 2019ع ۾ وڌي 7.3 سيڪڙو تائين پهچي وئي. اسٽيٽ بينڪ جي گورنر ڊاڪٽر رضا باقر جو چوڻ آهي ته ايندڙ وقت ۾ مهانگائي جي شرح ۾ اڃان اضافو ٿيندو. جڏهن ته  ايشيائي ترقياتي بئنڪ جو چوڻ آهي ته ايندڙ مالي سال 2020ع ۾ مهانگائي جو وڌيڪ طوفان ايندو، جڏهن ته مالي خسارو مقامي سطح تي اڌار وٺي پورو ڪيو ويندو.

ان سڄي صورتحال کي جيڪڏهن ڏسجي ته روز آڻين ۽ روز چاڙهين وارو ماڻهو ڪيڏانهن وڃي.  سڄو سال انتظار ڪرڻ کانپوءِ جڏهن سارين جو فصل لٿو ته سرڪار اگهه ئي مقرر نه ڪيو، نتيجي ۾ دلالن پنهنجا اگهه مقرر ڪري آبادگارن کان ساريون خريد ڪيون، آبادگار ته پنهنجو قرض به لاهي نه سگهيا. ڪمند جي سيزن شروع ٿي وئي آهي، پر اڃان تائين شگر ملون هليون ئي نه آهن ۽ نه ئي ڪمند جو اگهه مقرر ٿيو آهي. گذريل سال کنڊ جي قيد 45 روپيا هئي ته ڪمند 180 في مڻ مقرر ڪيو ويو هو، پر اها قيمت به آبادگارن کي ادا نه ڪئي وئي، هن وقت جڏهن کنڊ جي قيمت 75 في ڪلو آهي، پر اڃان تائين ڪمند جي قيمت مقرر نه ڪئي وئي آهي.

هي به پڙهي سگهو ٿا: سنڌ جي زراعت ۾ عورت جو اهم ڪردار

ڀاڄين جي قيمت ڏسبي ته اها به عام ماڻهو جي واپرائڻ کان ڏکي ٿي وئي آهي، ٽماما 100 روپين کان 150 روپيا ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهن، ڌاڻا، مرچ ته ڄڻ اڻلڀ ٿي ويا آهن، ڀاڄي مهانگي ٿيڻ ڪري گهٽين ۾ گاڏڙن ذريعي ڀاڄي کپائيندڙ ڀاڄي کپائڻ ئي ڇڏي ڏني آهي، سندن چوڻ آهي ته ڀاڄي مهانگي ٿيڻ ڪري هنن ڀاڄي کپائڻ ڇڏي ڏني آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن سندن ڀاڄي بچي پئي ته کين تمام وڏو نقصان ٿئي ٿو. ڀاڄي وڪرو نه ڪرڻ جي صورت ۾ هو ڦاقاڪشي واري زندگي گذاري رهيا آهن. مزدوري ڪندڙن جو چوڻ آهي ته سندن مزدوري صرف 500 آهي پر مهانگائي ڪري هو ويلي ويهڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. هنن جو چوڻ هو ته مهانگائي ۾ اضافي کانپوءِ ڪم ئي بند ويا آهن، ۽ کين هر روز جي بنياد تي مزدوري به نه ٿي ملي.

مهانگائي ته پنهنجي جڳهه تي پر هاڻي تي شيون ملن ئي نه ٿيون، هٿ وٺي عام واهپي جي شين جو بحران پيدا ڪيو ويو آهي ته جيئن منافعي خور ان مان فائدو حاصل ڪري سگهن. ڪالهه جي رپورٽ آهي ته حيدرآباد ۾ ڪڻڪ جو بحران پيدا ٿي ويو آهي، فلور ملن کي سرڪاري گدامن مان ڪڻڪ جي فراهمي بند ٿيڻ بعد مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جي 100 ڪلو واري ٻوري هڪ هزار رپيا مهانگي ٿي وئي آهي ۽ ڪڻڪ جو اگهه وڌڻ بعد اٽي جو 5 ڪلو وارو ٿيلهو 260 رپيا ۽ 10 ڪلو وارو ٿيلهو 520 رپيا وڪرو ٿي رهيو آهي.

حيدرآباد ۾ لڳ ڀڳ 10 فلور ملون آهن ۽ اڍائي سئو اٽي جون چڪيون قائم ٿيل آهن، جيڪي ڪڻڪ سرڪاري گدامن تان خريد ڪندا آهن پر تازو ڪڻڪ جو بحران ٿيڻ بعد ڪجهه چڪيون نالي ماتر هلن ٿيون جنهنڪري شهر ۾ اٽي جو بحران پيدا ٿيو آهي. فلور ملن جي مالڪن جو چوڻ آهي ته کين هر سال سيپٽمبر کان مارچ تائين ڪڻڪ سرڪاري گدامن مان فراهم ٿيندي آهي پر هن سال سيپٽمبر شروع ٿيندي ئي ڪڻڪ نه پئي ملي جنهنڪري مجبور ٿي هو مارڪيٽ مان مهانگي اگهه تي ڪڻڪ خريد ڪري رهيا آهن. ٻڌايو وڃي ٿو ته هٿ وٺي ڪڻڪ جو بحران پيدا ڪيو ويو آهي، ذخيره اندوزن ڪڻڪ ذخيرو ڪري ڇڏي آهي، جنهن ڪري ڪڻڪ جو بحران پيدا ٿيو ۽ هاڻي هو پنهنجون من پسند قيمتون وصول ڪري اٽي جي قيمت ۾ اضافو ڪيو آهي.

هڪ طرف شيون ذخيرو ڪري مهانگي اگهه تي وڪرو ڪيون وڃن ٿيون ته ٻئي طرف سرڪار طرفان اگهه مقرر نه ڪرڻ سبب آبادگار ته پنهنجو قرض به نه ٿا لاهي سگهن، ڇاڪاڻ ته اهي شيون جيڪي اسان کي مارڪيٽ ۾ مهانگي اگهه تي ملن ٿيون، اصل ۾ اهي آبادگارن کان منافعي خور دلال سستي اگهه تي خريد ڪري ٿو، تنهن ڪري حڪومت جو اهو ڪم آهي ته هو پنهنجون قيمتون مقرر ڪري ته جيئن ڀاڄي کان وٺي ڪڻڪ تائين آبادگارن کان جنسون پاڻ خريد ڪري ۽ اهي شيون مارڪيٽ ۾ به مناسب اگهن تي وڪرو ٿينديون. مهانگائي جو هڪ سبب منافعي خور دلال ۽ ذخيرو ڪندڙ  ماڻهن جو به آهي.


You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.